سلطانپور (ن س)سلطانپور ويجهو ڏنگڙو مائينر شاخ کي ڳوٺ ڪريم بخش تڙت وٽان گهارو پوڻ سبب ڪيترائي ايڪڙ فصل پاڻي هيٺ اچي ويو آهي اطلاع باوجود ايريگيشن عملو نه پهچڻ ڪري پنج فوٽ گهارو هاڻي وڌي ويھ فوٽ ٿي ويو آهي ڳوٺاڻن موجب صبح ٿوروگھارو پيو ايريگيشن جي عملدارن کي اطلاع ڏنو ويو پر لاپرواھي سبب گهارو وڌي ويو آهي ايس ڊي او ايريگيشن ۽ ٻين عملدارن کي اطلاع ڏنو ويو هو پر هيل تائين نه پاڻ آيو نه ئي عملو پهچي سگهيو آهي جنھن سبب تازو ڪاهيل ڪڻڪ جو فصل ۽ ڀاڄيون، سارين جو فصل پاڻي هيٺ اچڻ ڪري آبادگارن کي نقصان پهتو آهي گهارو اڃان به وڌڻ جو خدشو آهي ڏنگڙو مائينر تي مقرر ملازم سڪندر مهر رشوت وٺي رات جي وقت پاڻي فل کولي ٿو ۽ ڏينهن جو شاخ کي بند ڪيو ٿو وڃي ڳوٺاڻن ايريگيشن جي اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نااهل رشوت کوڙ بيلدار سڪندر کي هٽائي آبادگارن جو آزار ختم ڪيو وڃي










