ڊکڻ (ن س )ڊکڻ ڀرسان زيتونن جي باغ مان پورهيت مبينا طور اغوا ٿي ويو آهي. رات دير سان سم نالي ويجهو زيتونن جي باغ تي ڪم ڪندڙ ڳوٺ محمد بچل ٿهيم واسي راشد ٿهيم کي هٿياربند اغوا ڪري ويا. اطلاع ملڻ بعد وارثن ۽ ڳوٺاڻن واقعي واري هنڌ پهچي حد جي پوليس کي اطلاع ڪيو. اطلاع ملڻ بعد پوليس به واقعي واري هنڌ پهچي تفصيل معلوم ڪيا. وارثن جو چوڻ آهي ته راشد ٿهيم زيتونن جي باغ تي ڪم ڪندو هو، جتان ڌاڙيل کيس اغوا ڪري ويا آهن. پوليس موجب، اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي تفصيل معلوم ڪيا آهن، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي










