ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي شير شاهه ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي ۾ ڊي ايس پي علي رضا جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار مارجي ويا.سي ٽي ڊي اختيارين موجب مارجي ويل دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم سان آهي، جوابدارن جي سڃاڻپ قاسم رشيد ۽ عثمان جي نالن سان ٿي آهي.سي ٽي ڊي آفيسر راجا عمر خطاب جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگرد شهر ۾ وڌيڪ تخريبڪاري جي منصوبابندي ڪري رهيا هئا.سي ٽي ڊي اختيارين موجب دهشتگردن هن سال ڊي ايس پي سي ٽي ڊي علي رضا کي ڪريم آباد ۾ قتل ڪيو هو.










