ڊي ايس پي جي قتل ۾ ملوث جوابدار جا خاڪا جاري، انعامي رقم جو اعلان

ڊي ايس پي جي قتل ۾ ملوث جوابدار جا خاڪا جاري، انعامي رقم جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سي ڊي سنڌ مارجي ويل ڊي ايس پي جي قتل ۾ ملوث هڪ جوابدار جي تصوير ۽ ٻين جا خاڪا جاري ڪري ڇڏيا، سي ٽي ڊي آفيسرن عوام کي ڊي ايس پي جي قتل ۾ ملوث ڏوهارين جي سڃاڻپ ۽ گرفتاري جي مدد جي اپيل ڪري ڇڏي، جوابدارن جي سڃاڻپ ۽ گرفتاري ۾ مدد فراهم ڪندڙن لاءِ سنڌ حڪومت پاران انعامي رقم جو اعلان ڪيو ويو آهي، خبر موجب 7 جولاءِ تي ڪريم آباد شڪيل ڪارپوريشن جي ويجهو اڻڃاتل هٿياربندن سي ٽي ڊي سنڌ جي ڊي ايس پي علي رضا کي گوليو هڻي قتل ڪيو ويو هو، جنهن جو ڪيس سي ٽي ڊي جي ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو، واقعي کي اڍائي مهينن کان وڌيڪ وقت گذرڻ جي باجود سي ٽي ڊي پنهنجي ئي آفيسر جي قتل ۾ ملوث جوابدان جو نه ته پتولڳائي سگهي نه گرفتار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهي، گذريل ڏينهن سي ٽي ڊي سنڌ ڊي ايس پي جي قتل ۾ ملوث هڪ جوابدار جي تصوير ۽ ٻين جا خاڪا جاري ڪري ڇڏيا، سي ٽي ڊي آفيسرن مطابق ڊي ايس پي جي قتل ۾ملوث جوابدارن جا خاڪا اکين ڏٺن شاهدن ۽ سي سي ٽي وي ڪئمران جي مدد سان تيار ڪيا ويا آهن، سي ٽي ڊي آفيسرن عوام کي اپيل ڪئي آهي ته ڊي ايس پي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي سڃاڻپ ۽ گرفتاري ۾ مدد ڪن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو