ڊيرا اسماعيل خان (ويب ڊيسڪ)ڊيرا اسماعيل خان ۾ ٽانڪ بيس وٽ پوليس وين ويجهو ڌماڪو ٿيو.پوليس موجب ڌماڪي جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، زخمين ۾ پوليس اهلڪار به شامل آهن.پوليس موجب ڌماڪي ۾ ڪيترين ئي موٽرسائيڪلن کي به نقصان پهتو آهي.پوليس موجب ڌماڪي کانپوءِ فائرنگ جا آواز پڻ ٻڌا ويا.پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي اطلاعن موجب پوليس وين کي نشانو بڻايو ويو آهي.
