ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ ڊي آءِ جي ٽريفڪ پير محمد شاهه جي استعمال هيٺ هڪ سرڪاري گاڏي کي به اي-چالان جاري ڪيو ويو آهي.ان حوالي سان، ڊي آءِ جي ٽريفڪ چيو ته گاڏي جو چالان باغ جي ويجهو ڪيو ويو، جيڪو ڊرائيور هلائي رهيو هو، ۽ سيٽ بيلٽ نه لڳائڻ تي 10,000 رپين جو چالان جاري ڪيو ويو.هن چيو ته گاڏي سنڌ پوليس جي سي پي او جي ايڊريس تي رجسٽرڊ آهي، ۽ ڊرائيور کي سيٽ بيلٽ استعمال ڪرڻ جي سختي سان هدايت ڪئي وئي آهي.ڊي آءِ جي ٽريفڪ پير محمد شاهه اهو به چيو ته هو ضرور چالان داخل ڪندو.










