ڊاڪٽر عافيه سان جيل ۾ جنسي زيادتي جو انڪشاف

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)انڪشاف ڪيو ويو آهي ته آمريڪي جيل ۾ قيد ڊاڪٽر عافيه تي گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڀيرا جنسي ڏاڍائي ڪئي وئي.اهو انڪشاف عافيه صديقي جي وڪيل ڪلائيو اسٽيفورڊ ڪيو جنهن جو چوڻ آهي ته پاڪستان حڪومت ڊاڪٽر عافيه تي جنسي زيادتي جي واقعن کان آگاهه آهي.ڊاڪٽر عافيه جي وڪيل ڪلائيو اسٽيفورڊ سمٿ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته ڊاڪٽر عافيه مون کي جنسي زيادتي بابت ٻڌايو جنهن بعد شڪايت داخل ڪئي وئي.ڪلائيو اسٽافورڊ چيو ته بگرام جيل ۾ به ڊاڪٽر عافيه سان جنسي زيادتي ڪئي وئي، بگرام ۾ به ڊاڪٽر عافيه تي جنسي ڏاڍائي ڪئي وئي، ان حوالي سان جاچ جي حڪمت عملي جوڙي وئي.وڪيل ڪلائيو اسٽيفورڊ سمٿ موجب ڊاڪٽر عافيه کي روزانو زيادتي ۽ تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو