ڊالر 283 رپيا 40 پئسا ٿي ويو،اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ٻاڙائي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اڄ ڪاروبار جي شروعات تي انٽر بئنڪ ڊالر سستو ٿي ويو آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 21 پئسا سستو ٿيڻ بعد 283 رپيا 40 پئسا ٿي ويو.ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 283 رپيا 61 پئسا تي بند ٿيو. ٻئي طرف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات تي منفي رجحان ڏٺو پيو وڃي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 467 پوائنٽن جي گهٽتائي سان 64 هزار 812 تي پهچي ويو.ڪالهه، انڊيڪس 65,280 پوائنٽن تي بند ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو