ڊار مسلم ليگ ن جي اليڪشن سيل جو چيئرمين مقرر

لاهور(ويب ڊيسڪ)ن ليگ اڳواڻ مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته شهباز شريف اسحاق ڊار کي پارٽي جي اليڪشن سيل جو چيئرمين مقرر ڪيو آهي.هڪ بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته اسحاق ڊار جي اليڪشن سيل جي قيادت پارٽي جون چونڊ سرگرميون تيز ڪندي.مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته پارٽي ٽڪيٽن لاءِ درخواستن جي وصولي جو عمل جلد مڪمل ڪيو ويندو.هن چيو ته چونڊ ضابطن جي نگراني سميت سمورن لاڳاپيل معاملن کي جلد مڪمل ڪيو ويندو.ن ليگ اڳواڻ جو اهو به چوڻ آهي ته اسحاق ڊار ان پارلياماني ڪميٽي جو سربراهه به هو جنهن اليڪشن ايڪٽ 2017 جو مسودو تيار ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو