ڇا عمران خان کي هاڻي سياسي چرپر جو ٻيهر موقعو ملندو ؟

توفيق لنڊ‎‎
هي رستو وٺو هن رستي تي هلجي هي رستو 1970/ 1980وارو رستو ناهي ڪجھ هٿ هلڪو رکندا اچجو اسان تي به آڱريون نه کڄن اوهان کي موقعو ڏيون ٿا اوهان پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيو اسان جي سپورٽ کانسواء اوهان اڳتي نه وڌجو اسان جي ڊڪٽيشن مطابق نه هلندڙ جو حشر اوهان کي خبر آهي اهي هن وقت ڪٿي آهن بلڪل ائين آهي پاڪستان جي سياست جا 4وڏا پلر آهن جنهن ۾ ملٽري اسٽيبلشمينٽ ،جوڊيشنري اسٽيبلشمينٽ ،اسيٽڪ هولڊر ،ميڊيا ۽ انهن جي حمايت کانسواء سياست ڪرڻ ۽ اقتدار سنڀالڻ ناممڪن آهي هن وقت ملڪي سياست حقيقي جهموريت کان اڳتي وڌي ويو آهي هاڻي جنهن وٽ اقتدار آهي اھو ڏاڍو آهي اهو سڀ ڪجھ آهي پاڪستان تحريڪ انصاف کي 2018۾ اقتدار جو رستو ڏيندڙ سگهارين قوتن اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ تحريڪ انصاف کي اقتدار ۾ گهڻو عرصو رهڻو آهي ڪئين اقتدار سنڀالڻو آهي سياسي اسٽيڪچر ملي ويو پر مٿي ذڪر ڪري آياسين ته رستو ڏيکاريندڙ طاقت کي وري رستي ويندڙ ڪئين چئي سگهي ٿو بس هاڻي مان اڳتي پاڻ ويندس اوهان بس هٿ ڪڍو ڇا اهيو ممڪن آهي عمران خان 2018کان اقتدار ۾ اچي عوام کي وڏو باشن ڏنو هاڻي سڀ ڪجھ ٺيڪ ٿيندو پر هي اها عوام آهي جيڪا 1970کان وٺي 2018تائين اقتداري ڌرين جي ڪوڙن ٺڳين کي نه سمجهي سگهيا آھن
عمران حڪومت عوامي خدمتن ملڪي معشيت جي بهتري بجاء اپوزيشن کي ٽارگيٽ ۾ رکي اهو سوچيو ويو ته اپوزيشن کي ناهي ڇڏڻو اهي بيانو ڪرپشن جو پئسو عمران سرڪار جي سوچ مطابق ملڪ ۾ پئسو ناهي عوام جي خدمت ڪئين ڪجي معروسي سياست ڪندڙ هڪ ٻئي جي پٺيان اقتدار جي واري لاء انتظار ڪندڙ ن ليگ ،پيپلزپارٽي گهڻو عرصو ملڪ کي لٽيو اربين رپيا ڪرپشن ڪري ويٺا. اهي واپس ڪرائي سال ٻن۾ ته عوام جي خدمت ڪندس پر هن سرڪار جي اڳواڻن کي خبر آهي ته هي سسٽم ٻن سالن ۾ ڪئين ختم ٿيندو جيڪو 50سالن کان هلندو پيو اچي عمران سرڪار اپوزيشن خلاف ڪاروايون تيز ڪري ڇڏيون معشيت جو ٻيڙو غرق ٿيندو پيو ويو پر عمران سرڪار کي فرق نه پيو ڇو ته جن عمران سرڪار کي رستو ڏيکاريو اهي به هن ڪاروائين کان بيزار ٿي عمران خان کي ٻيهر رستي تي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر عمران سرڪار اهو چئي ڇڏيو هاڻي اسان کي خبر آهي اڳتي ڇا آهي ڇا ناهي اپوزيشن سرڪار ان وقت سگهاري قوتن جي خلاف هئي ڇو ته 2018۾ عمران سرڪار کي سليڪٽ ڪيو ويو اپوزيشن بيان ٺاهي ڇڏيو جنهن بعد اپوزيشن وارا احتجاج ڪندا رهيا پر ان وقت هڪ جماعت جي احتجاج کان ڳالھ گهڻي هئي سگهارين قوتن عمران سرڪار کي گهڻو ڪجھ سمجهايو پر عمران سرڪار نه سمجهيو
جنهن بعد ايسٽبلشمينٽ مجبورن هڪ پارٽي کي ڇڏي ٻين پارٽين سان هٿ ملائي ملڪي مفاد لا۽ ڪجھ سوچيو عمران خان کي اقتدار مان آئيني طريقي سان ٻاهر ڪئين ڪڍجي اپوزيشن کي ٽاسڪ ملي ويو اپوزيشن ۾ ويٺل سڀني جماعتن ان مليل حڪم نامي تي غور فڪر کي گڏجي ويا پي پي ن ليگ اي اين پي ،ايم ڪيو ايم ،بي اين پي ،جي يو آئي سڀني ملي ڪري هڪ گڏيل جماعت پي ڊي ايم ٺاهيو اچڻ سائين پريس ڪانفرنسون ٿيون مهانگائي ختم مارچ ڪيا پر پارليامينٽ جي سياسي چال کانسواء هن عمران خان کي ڪجھ نه ٿيو ڇو ته هي پارٽي اتحادين جي صورت ۾ اقتدار ۾ هئي جنهن۾ ايم ڪيو ايم ،بي اين پي انهن جي حمايت ۾ عمران سرڪار هلندي هئي هن ٻنهي جماعتن کي سگهارين قوتن جي آڏو ويهاري باشن ڏنا ويا جنهن بعد ٻنهي پارٽين اتفاق ڪري وفاقي ڪابينه ۾ 2 نمبري شروع ڪري عمران سرڪار کي پريشان ڪري ڇڏيو جنهن بعد عمران سرڪار هوش ۾ اچي سگهاري قوتن جا پير پڪڙيا پر ڪم گهڻو اڳتي نڪري ويو 10اپريل 2022عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ پيش ڪيو ويو رٿ ڪامياب ٿي هڪ وڏو سياسي تهلڪو مچي ويو ملڪ ۾ مهانگائي جي صورتحال ۾ ان ڊراپ سين کانپوء عمران خان ٻيهر عوام ۾ مشهور ٿي ويو ۽ پي ڊي ايم جي عمل کي عوام پاران سخت ردعمل ڏنو ويو
جڏهن ته سپريم ادارا آئين پاڪستان ۽ پارليامينٽ جي تقدس کي بحال ڪرائڻ لاء بي اعتمادي رٿ عملدرآمد ڪرائڻ لا۽ رات جي پهر عدالتون کليون ويون مجبورن عمران خان کي اقتدار مان لاٿو ويو جنهن بعد ملڪي سياست ۾ وڏو چرپر ٿي ويو منتخب حڪومت گهر ڀيڙو ٿيو جنهن بعد عمران خان ان بيان کي ملٽري فورس ۽ آمريڪا تي سائفر جو بيانو ٺاهي عوام کي روڊن تي وٺي آيو هن سڄي صورتحال ۾ پي ٽي آئي پارٽي ۾ موجود اڳواڻن هن عمل خلاف صبر ۽ تحمل ۽ سگهاري قوتن سان ڳالهائڻ لاء زور ڀريو عمران سرڪار عوامي چاھ ڏسي عوام کي روڊن تي آڻي اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت ۾ ايندڙ حڪمرانن تي پريشر بلڊ ڪرڻ لاء هي سڀ ڪجھ ڪندو رهيو جنهن بعد ايسٽبلشمينٽ عمران سرڪار کي پنهنجي پيرن تي اچڻ لاء چيو ويو پر ضد انا اقتدار جو نشو عمران خان کي گهمراء ڪري ڇڏيو عمران خان ان سگهاري قوتن جي ڳالھ نه ٻڌي جن کي هن کي اقتدار واري رستي تي آندو حالتون مڪمل خراب ٿينديون ويون پر عمران خان باز نه آيو مجبورن اسيٽبلشمنٽ ان بيان تي مجبور ٿي وئي ته اسان هاڻي نيوٽرل آهيون سياسي ڌريون جهموري انداز ۾ پاڻ ۾ ويهي ڳالهيون ڪري ملڪ جي بهتري لا۽ سوچن پر هي به اها اپوزيشن سرڪار هئي جنهن کي عمران خان پنهنجي اقتدار واري دؤر ۾ اپوزيشن جي لا۽ هر ڏينهن عذاب بڻايو اهو وقت نه هن سرڪار کي به ياد هيو هن بي اعتمادي رٿ جو گهڻو فائدو عمران خان کي مليو بي اعتمادي رٿ کانپوء به حڪومت ان فارمولي تي آئي ته مائينس عمران خان ڪيو وڃي
اسين هن وقت ئي اسيمبلي ٽوڙي ملڪ ۾ ننگران حڪومت قائم ڪري اليڪشن ڪرائڻ ٿا چاهيون پر عمران سرڪار جا اڳواڻ نه پيا چاهين ته ائين ٿئي ڇو ته ٻيو ڪو اهڙو اڳواڻ ئي ناهي جيڪو پارٽي کي منظم طريقي سان هلائي سگهي ان وقت به پنجاب ڪي پي ڪي گلگت بلستان ،آزاد ڪشمير ۾ عمران سرڪار جي حڪومت هئي عمران سرڪار کي ان اعتماد ۾ ورتو ويو ته هي صوبائي اسيمبليون ٽوڙيو ته ملڪ ۾ اليڪشن ڪرايون اهيو اعتماد سگهارين قوتن ۽ حڪومتي ڌر پاران به پيش ڪيو ويو جنهن عمران خان پارٽي اجلاس گهرائي جنهن ۾ سينئر قيادت پرويز خٽڪ شيرين مزاري ،اعجازالحق پرويز الاهي ان عمل جي مخالفت ڪئي ان اجلاس ۾ شاھ محمود قريشي فواد چودري اسد عمر ان ڳالھ جي حمايت ڪئي ته جيڪڏهن صوبائي اسيمبليون ٽوڙينداسين ته حڪومت مجبور ٿي اليڪشن ڪرائيندي عمران سرڪار اسيملبيون ٽوڙي ڇڏيون ننگران حڪومت سيٽ اپ ٿي ويو جنهن ڏينهن ننگران ڪابينه ٺهي ان ڏينهن کان عمران خان ان گورنمينٽ جي سازش کي سمجهي ويو ته هاڻي هي ڪاروايون ڪندا ۽ اهو ئي ٿيو ننگران حڪومت عمران خان جي فيوور ۾ نه آئي ننگران حڪومت وفاق ۾ ويٺل پي ڊي ايم ڌر سان ملي ڪري انتقامي ڪاروايون شروع ڪري ڇڏيون جنهن بعد عمران سرڪار کي اهو خوف پيدا ٿيو ته هي منهنجي خلاف به ڪيس داخل ڪندا ۽اسان کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هي چاهين ٿا ته عمران خان مائينس ٿي وڃي
جنهن بعد عمران خان فورن عوام کي روڊ رستن تي آڻي اينٽي اسٽيبلشمينٽ جو نعرو هڻي سابقه آرمي چيف قمر جاويد باجوا خلاف ڳالهايو ويتر اسٽيبلشمينٽ عمران خان کان باغي بڻجي وئي مسٽر x مسٽر Y جو بيانو ٺاهيندو رهيو عمران خان سميت ٻين اڳواڻن تي ڪيس داخل ٿيندا ويا 25مئي تي عمران خان جي ڪارڪن مٿان ۽ اڳواڻن مٿان ريلي ڪڍڻ تي انهن کي تشددجو نشانو بڻايو ويو جنهن بعد گرفتاريون شروع ٿي ويون ننگران حڪومت وفاقي حڪومت جي چوڻ تي انتقامي سازشون تيز ڪري ڇڏيون ملڪ جي اڳوڻي وزير خلاف 3مهينن اندر 144ڪيس ۽ ڪڏهن به ائين نه ٿيو آهي ملڪ جي ڪنهن اڳوڻي وزير اعظم خلاف عمران خان مختلف ڪيسن ۾ عدالتن آڏو پيش ٿيندو پيو اچي ان ۾ عدالت سندس هر ڪيس ۾ رليف ڏئي پيو ان رليف جو تاثر وري حڪومتي ڌر ڏانهن بي نيت جي ڪري جوڊيشنري کي تڪرار بڻائي ڇڏيو پهريون دفعو ازخود نوٽيس کي پارليامينٽ تان بل پاس ڪرائي ڪالدم قرار ڏئي ڇڏيو ڇا اها ئي عدليه ناهي ڇا اهوئي چيف جسٽس اطرمن الله ناهي جڏهن بي اعتمادي رٿ پيش ڪيو ويو ان وقت به ازخود نوٽيس ٿيو رات جي 12بجه عدالت کولي وئي ان وقت شايد حڪومتي ڌر کي ازخود نوٽيس ياد نه هو ملڪي سطعي تي اهو چوٻول هلي رهيو آهي ته هن وقت ملٽري اسٽيبلشمينٽ حڪومتي ڌر سان آهي ۽ جوڊيشنري وري عمران خان سان رليف مٿان رليف ڏئي اها مبينا طور ثابت ڪري رهي آهي عدليه عمران خان سان آهي 9مئي 2023جو واقعو رياستي ادارن توڙي پاڪستان جي سياست سالميت لاء وڏو الميو ثابت ٿيو ان جي پويان ڪير هيو ڪير ائين ڪيو عوام کي بغاوت ۾ ڪنهن اڪسايو اهو هن وقت غور فڪر زير هيٺ آهي
9مئي تي جنهن طريقي ملڪ جي سابقه وزير اعظم کي ڪورٽ سڳوري جي احاطي مان گرفتار ڪرڻ هڪ عداليه جي بالادستي کي ٽوڙي قانون سان مزاڪ ڪيو ويو جنهن بعد عمران خان جا حمايتي پنهنجي ليڊر کي حڪومت پاران اڻ ڍنگي طريقي سان گرفتار ڪري عوام کي باغي بڻائي ڇڏيو جنهن سبب عمران خان جا حمايتي چئجن يا ٻيا جٿا پر ائين دشمن به نٿو ڪري سگهي ان ڳالھ جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي ڇو ته حساس ادارن ۾ ڀڃ ڊاھ ريڊيو پاڪستان سميت ملڪ ۾ وڏي دهشگردي ڦهلايو ويو ان جٿن کي حساس ادارن ۾ دهشتگردي ڪرڻ محل ڪنهن به فورس نه روڪيو ملڪ ۾ هي سڀ ڇو ٿيو ڪنهن ڪيو سڀ خبر کان بي خبر بڻيل آهن ان دهشتگردي ۾ تحريڪ انصاف جي اهم اڳواڻن سميت 4هزار کان وڌيڪ ڪارڪنن مٿان دهشتگردي ايڪٽ ڪيس داخل ڪيا ويا جنهن بعد وڏي افرا تفري واري صورتحال پيدا ٿي ويو انهن اڳواڻن سان بدترين سلوڪ ڪيو جنهن بعد مجبورن ٽارچر جي ڪري يا 9مئي واري واقعي افسرزدا ٿي جيل مان آزاد ٿيڻ بعد سڌي طريقي سان اچي پريس ڪانفرنس ڪري پي ٽي آئي کي الوداع ڪري رهيا آهن جنهن ۾ پارٽي جا اهم اڳواڻ جنرل سڪيريٽري پي ٽي آء اسد عمر فوادچودري عامر قياني عمران اسماعيل ،ابرار الحق ،فردوس عاشق اعواڻ ،فياض چوهان عمران اسماعيل ڪياني ،خسروبختيار،عامر ڊوگر شيرين مزاري سميت 40کان مٿي اڳواڻ پارٽي ڇڏي ويا ڇا عمران خان کي ختم ڪرڻ لاء يا پارٽي مٿان بين ڪرڻ لاء اهيو سڀ ڪجھ ٺيڪ ڪيو پيو وڃي ڇا حڪومت عمران خان کي مانس ون واري فارمولو کي ڇڏي هاڻي پارٽي ختم ڪرڻ واري پري پلان ۾ آهي آگسٽ ۾ هن حڪومت جو آئيني مدو پورو ٿي رهيو آهي ان بعد ڪئيرٽيڪر حڪومت ايندي اها به اسٽيبلشمينٽ جي حوالي ٿيندي ڇا وفاقي حڪومت ان سوچ ۾ ملڪ ۾ آڪٽومبر ۾ اليڪشن ڪرائيندي اقتدار ۾ اچڻ لاء پر اهيو سوچيو وڃي ته عمران خان کي ڪير به ڇڏي سندس ووٽ بينڪ گهڻو آهي انهن اڳواڻن کي عمران خان جي ڪري ووٽ ملندو هو ڇا حڪومت ان ڳالھ ۾ توجه ڏيندي ته عمران خان ڪجھ به ڪري سگهي ٿو ڇا اليڪشن کان ڪجھ مهينا پهريان عمران خان کي ٻيهر گرفتار ڪري نظر بند ڪري اليڪشن ڏانهن ويندا ٻئي پاسي شاھ محمود قريشي جي خاموشي ۽ پارٽي نه ڇڏڻ به هڪ وڏو انڪشاف رازداري آهي ڇا شاه محمود قريشي ڪنهن وڏي جوڙجڪ ۾ آهي تاريخ ۾ واضع لکيل آهي ته 1980واري دور ۾ به نوازشريف به ملٽري اسيٽبلشمينٽ جي خلاف ويو ان وقت به ائين هو جئين هن وقت عمران خان سان ٿئي پيو ذوالفقار ڀٽو صاحب کي ڦاهي ڏئيڻ بعد پيپلزپارٽي سان به ائين ٿيو پو۽ ته نواز شريف به ان سسٽم بعد ملڪ جو وزير اعظم ٿيو ان وقت ايسٽبلشمنيٽ سان ٺاه ٿيو پو۽ ڏسجي ته عمران خان ته هون به نيوٽرل وٺڻ جو ماهر آهي ڇا هاڻي جوڊيشنري جي هٿ تي عمران خان اسٽيبلشمينٽ سان ٺاه ڪندو يا عمران خان کي گهڻي عرصي تائين سياسي چرپر کان پري رکيو ويندو
ڇو ته اهو ممڪن ناهي هڪ مقبول ترين پارٽي کي جهموريت کان پري رکيو وڃي ڇا اسٽيبلشمينٽ هن پي ڊي ايم سرڪار کي لولي پاپ ته نه ڏئي رهي آهي اقتدار کان پري رکڻ لا۽ ڇو ته اهيو ممڪن آهي ته عمران خان کي جيڪڏهن گرفتار نه ڪيو ويو ته عمران خان وٽ ٽيڪٽ ڏيڻ لا۽ گهڻائي ئي اميدوار آهن جن کي ٽڪيٽ ملي ۽ عمران کي اليڪشن ڪمپين پاڻ ڪيو ته سڀ ڪجھ ممڪن آهي ڇو ته عوامي طاقت کي ڪير به نٿو روڪي سگهي يا اسٽيبلشمنيٽ وڌيڪ ملڪ ۾ افراتفري کان بچڻ جي لاء عمران خان سان ٺاھ ڪندي پاڪستان۾ سياسي درجا هرارت تيز آهي هاڻي ڏسڻو آهي جولا۽ آگسٽ ۾ ملڪي عوامي مفادن ڪير سنجيدا آهي ؟

پهنجو تبصرو موڪليو