ڇا سنڌ ۾ عزت آجپي ۽ خوشحالي جو سج اڀرندو؟

ڇا سنڌ ۾ عزت آجپي ۽ خوشحالي جو سج اڀرندو؟

ليکڪ اظهر رند سنڌ جي چيڪي مٽي مان جنم وٺندڙن دلير پٽن نياڻين سان تاريخ ڀري پئي آهي جنهن وطن ۽ قوم لاءِ سر منڊي تان ڪٽائي ڇڏيو پر ضمير جو سودو ناهي سکيو انهن بهادرن ڪردارين کي آڄ به سنڌ ساري ٿي دنيا جي عالمي سطح ته ڪيترائي ڏينهن ملهائين ويندا آهن . مقدس ڌرتي ءَ سنڌ ۾ به هڪ اهڙي تاريخ جوڙيل آهي جيڪا  هر سال ان ڏينهن ته سنڌ سان عهد وفا جو ڏينهن يوم مادر وطن ملهايو ويندو آهي ان ڏهاڙي ته هن ڌرتيءَ سان محبت نيهن نڀائڻ جو وچ ڪيو ويندو  آهي ان ڏينهن جي شروعات 21 مارچ  1991ع  کان ٿي جڏهن انهن ڏهاڙين تڏهن لساني جهڙا تيز شڪل اختيار ڪري ويا هئا ان وقت 88ع  وارو دور سنڌ جو لاءِ هن قوم جا دشمنن هڪ عالمي سازش تحت سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ اهي قوتون گڏ ٿيون جيئن سنڌي وڏن شهرن تان قبضو ختم ٿي وڃي ۽ سنڌي قوم پنهنجا حقن تان دستربدار ٿي ڪري هو غلامي واري زندگيءَ واري زنجيرون ۾ وڪوڙجي وڃي اها هڪ عالمي سازش هئي جنهن سنڌي نياڻين کي درسگاهن ۾ تعليم جهڙي زيور کان محروم ڪرڻ لاءِ پنجابي لابي جوڙي شهرين ۾ ايم ڪيو ايم لساني تنظيم لاٿي ۽ سنڌ جي ٻهراڙي وارين علائقن ۾ ڀوتارڪي نظام لاڳو ڪيو ويو جئين سنڌ جو شعور غلامي واري ذلت ۾ زندگي بسر ڪري پر ان 88ع واري لساني جهڙن ۾ هر ماڻهون پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪري پيو ان نازڪ حالتن جو مقابلو ڊاڪٽر قادر مگسي جنهن انهن ايم ڪيو ايم جي سنڌ دشمن پاليسن کي واکو ڪيو ۽ انهن جي چالاڪين جو مقابلي لاءِ مورچو جوڙيو انهن ڏينهن ۾ هڪ نئي پارٽي جو بنياد پيو جنهن جو نالو سنڌ ترقي پسنڌ تنظيم آهي ان جو منشور عزت آجپو خوشحالي رکيو ويو هن دلير مرد مجاهد ڊاڪٽر قادر مگسي سدائين سنڌ جي حقن خاطر پنهنجي رندگيءَ داءُ ته ساٿين سميت لڳائي هن وطن جي ماروئڙين لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي هن ڪڏهن به پنهنجا پير پوئتي نه ڪيا آهن اهو مسئلو ڪالاباغ ڊيم جو هجي گٽرٿل ڪئنال جو منصوبو هجي ڌاريا آبادڪار جي لوڌ ڪوڙا ڊوميسائيل ٻين صوبن جي ماڻهن کي تيار ڪرڻ ڏيڻ ٻٽو نظام آرڊينينس ٻيٽن ته قبضا بحريا ٽائون مالڪ جي ڏاڌ سميت درسگاهن ۾ نياڻين جو ڊرامي انداز ۾ ٿيل قتلن ۽ قبلائي وڏيران هٿان به گناهه قتل ٿيڻ خلاف روڊن رستن ته پاڻ پتوڙي سنڌ دشمن منصوبن کي ناڪام ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي هن تنظيم جو 31 سالن کان سنڌي قوم جي لوئي لڄ جي محافظ ثابت ٿي آهي هن سنڌ جي دل شهر ڪراچي ته قبضا مافيا ايم ڪيو ايم سدائين لساني دهشتگردي جي سياست ڪئي آهي ان عناصر پارٽي جا پڙدو کڃڻ واري واحد تنظيم ايس ٽي پي آهي جنهن ڪراچي سنڌ آهي مارچ ڪري دنيا کي ٻڌايو ته سنڌ ڌرتيءَ جا وارث سنڌي آهن .هن سنڌ ترقي پسنڌ تنظيم سدائين وڏيرا سوچ جاگيردار عناصرن خلاف انهن جون ڏاڌائون ظلمن خلاف آواز اٿاريو آهي اهو ناظم جوکيو کي بيدردي سان قتل ٿيڻ ۽ وري تازوئي نواب ولي محمد ۾ 6 ڄڻا به گناهه شهيدن کي انصاف ڏيارڻ لاءَ اڳڀيرو رهيا هي تنظيم پارلياماني سياست ۾ ڏينهون ڏينهن پنهنجو ڪردار ادا ڪري عوام جي وڏي موٽ ملي رهي آهي سنڌ جي بقا ۽ وجود جو بچاءَ عزت آجپي سان ممڪن آهي ان سان ئي خوشحالي جو نئون سج اڀرندو۔ azharrind1@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو