ڇا انسانيت به هائبرڊ ٿيڻ لڳي آهي؟

ليکڪ  اعجاز علي سوڍر، پي ايڇ ڊي اسڪالر

 هن جديد دور ۾ انسان سائنسي ترقي جي افق تي حڪومت ڪري ٿو. اسان چنڊ ۽ ٻين سيارن تي ڪمند وجھي ورتا آهن. اڳي ڏاڍي سڪون ۽ آرام سان زندگيون گذرنديون هيون. اڄ هر ذي شعور ذهن تمام گھڻو پريشان رهي ٿو. اڄ پنهنجي حفاظت لاءِ جديد طرز جا هٿيار ٺاهي رکيا آهن، انهن گھاتڪ هٿيارن هوندي به پاڻ کي غير محفوظ سمجھون ٿا. زندگي بسر ڪرڻ لاءِ معاشي تنگي کي دور ڪرڻ لاءِ اناج ۽ سبزي به هائبرڊ اڳايون ٿا، مختلف ڪيميڪلز کي ملائي روزمره جي شين جو واپار ڪريون ٿا. هر سبزي، هر اناج ۽ هر سيڌي سامان ۾ زهريلا مادا شامل ٿي چڪا آهن. جديد دور جي جديد ايجاد ۾ چانور پلاسٽڪ منجھان، انڊا ڪيميڪل پلاسٽڪ جو مڪسچر، کير ڪيميڪل منجھان ٺاهي مارڪيٽن منجھه پهچايو وڃي ٿو، مختلف مشروبات کي ڪيميڪل ۽ ڳريل سڙيل ميوات منجھان تيار ڪيو وڃي ٿو، ٻيو ته ٺهيو ته پر هوٽلن تي ملندڙ چانھه ۾ به مختلف ڪيميڪل وجھي عوام سان دشمني ڪئي وڃي ٿي. انهن مصنوعي شين ۾ مرغي هائبرڊ، مڇي هائبرڊ، پکي هائبرڊ، ڪڻڪ هائبرڊ، هر سبزي هائبرڊ، هر ميوات هائبرڊ، چيٽ ۽ چانور وغيره به هائبرڊ طريقي سان تيار ڪري وڏي پئماني تي تجارت ڪئي وڃي ٿي. اهڙين شين جي واپرائڻ ڪري روز نيون بيماريون جنم وٺي رهيون آهن. هر هڪ اسپتال، هر هڪ ميڊيڪل سينٽر منجھه هر وقت رش ۽ هجوم رهي ٿو. غريب سسڪي سسڪي دم ٽوڙي ويهي ٿو. ڊاڪٽر دوائون خود لوڪل ڪوالٽيءَ جون تجويز ڪن ٿا، هر طرف کان انسانيت مٿان وار ٿي رهيا آهن. انسانن مٿان وار ڪرڻ وارا خود انسان ئي آهن، کين دنيا جو حرص و حوس عوامي ڪَوس ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿو. غريب ۽ اٻوجھه عوام جيئڻ جا جتن ڪندو رهي ٿو. غريب جيڪو پنهنجاٻچا به تمام وڏي مشڪلاتن منجھان گذري پالي ٿو، پنهنجن ٻچن جي عياشي جو ته ڪڏهن تصور به شايد سندس ذهن ۾ نه آيو هجي پر کين جيئڻ لاءِ بنيادي ضرورتون پوريون ڪري ڏيڻ لاءِ به روز مَري ۽ روز جيئي ٿو. انهن مظلوم ماڻهن کي هر ڪو هر طرح سان ڪُهڻ جي چڪر ۾ آهي. بس صرف پئسو ملي پوءِ ڪنهن جو سِر وڃي، ڪنهن جا ٻچا بک تي سِسڪندا رهن، ڪنهن کي روز مرڻو پَوي، ڪنهن کي هر وقت روئڻو پَوي يا ڪنهن جي سپنن جو ڀلي خون ٿئي، بس پئسو کپي پوءِ ڀلي ڇونه ايمان، غيرت ۽ حميت جو سودو ڪرڻو پَوي، ڀلي پوءِ ڇونه انسانيت جو قتلام ڪرڻو پَوي، پوءِ ڇو نه بزدل بنجڻو پَوي، پر پئسو ئي سڀ ڪجھه سمجھيو وڃي ٿو.

اڄ دنيا جنهن موڙ طرف وڃي رهي آهي، ان موڙ تي اڳيان بايو وار جو وارو اچڻو آهي. هاڻي انسانيت دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ڪڙڇ تي محفوظ نه رهندي. هر ذي عقل انسان اهڙيون سوچون سوچي پريشان رهي ٿو. دنيا منجھان انسانيت گھٽائڻ جي سازش تيار ٿي رهي آهي. اهڙي سازش رچيندڙ انسانن جي آبادي وڌڻ ۽ انهن جي رزق لاءِ پريشان آهن ته اگر انسانن جو تعداد وڌندو ته کاڌ خوراڪ جي کوٽ پيدا ٿيندي، حالانڪه رزق جو ذمو خود الله رب العزت جو آهي ۽ اڄ به دنيا جي هن گولَي تي موجود مخلوقات جو رزق سندن کان ڇهوڻو موجود آهي ته پوءِ اهو فڪر ڇا جي لاءِ ڪجي؟ انسانن کان سواءِ دنيا جي رونق اها باقي نه رهندي. جيئن گلشن جي رونق گلن ۽ ٻوٽن سان هوندي آهي ۽ چمن ۾ موجود هرهڪ وڻ، گل، ٻوٽي، گاھه ۽ پکي کي پنهنجي جاءِ تي هڪ اهميت حاصل آهي، بلڪل اهڙي طرح دنيا جي زينت انسانن سان ئي قائم آهي. اگر ڪجھه ذهن انسانيت جي بقا جي جنگ وڙهڻ چاهن ٿا ته کين به گم ڪيو وڃي ٿو. ياد رکو ته هرهڪ انسان پنهنجي جاءِ تي اهميت رکي ٿو. انسانيت جو درد دل ۾ رکڻ گھرجي. هونئن به اڄ جي انسان جي سراسري عمر 50 کان 60 سال آهي، لهٰذا اهڙي سوچ رکڻ وارن انسانن کي پنهنجي سوچ مثبت رکڻ گھرجي. هر شيءِ کي ڪيميڪل تي تيار ڪرڻ جي بجاءِ قدرتي طريقن کي رائج ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي. جڏهن هر شيءِ هائبرڊ طريقي سان تيار ٿيل واپرائبي ته انسان به فارمي بڻجي ويندو، مختلف بيمارين جو گھر بڻجي ويندو، منجھس اهي انسانيت واريون خوبيون نه رهنديون، هو سُست ۽ ڪاهل بڻجندو ويندو، منجھائنس محنت ۽ مشقت ڪرڻ وارو مادو نڪري ويندو، هو ڪم چور ٿيڻ لڳندو. اڄ ضرورت آهي ته ڪيميڪل کي گھٽ کان گھٽ استعمال ڪرڻ جا طريقا ڳولهجن، اناج کي به قدرتي طريقي سان اپائجي، يوريا جي جاءِ تي ماهيو يا ريڍو ڀاڻ استعمال ڪجي، واپس ابي ڏاڏي جي طريقن کي رواج ڏجي، اسٽيل، پلاسٽڪ، شيشي ۽ پائوڊر جي ٺهيل ٿانون جي جاءِ تي مٽيءَ جي ٿانون کي رواج ڏجي. ديسي اناج، ديسي گيھه، ديسي ڀاڻ، ديسي کاڌ خوراڪ، ديسي مرغي ۽ ديسي مصنوعات وغيره استعمال ڪرڻ کي عام ڪجي ته جيئن زندگي ڪجھه خالص ٿيڻ لڳي ۽ انسانيت هائبرڊ ٿيڻ کان بچي سگھي.aijazsodhar58@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو