اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته چين پاڪستان تي واجب الادا 2.4 ارب ڊالرن جو قرض رول اوور ڪري ڇڏيو آهي.ان حوالي سان پنهنجي بيان ۾ اسحاق ڊار چيو آهي ته بئنڪ آف چائنا 2 سالن لاءِ قرضن رول اوور ڪري ڇڏيو آهي.سندس چوڻ آهي ته بئنڪ آف چائنا ان حوالي سان پاڪستان کي باضابطا خط لکي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.ناڻي واري وزير جو چوڻ آهي ته پاڪستان ٻنهي سالن ۾ رڳو سود ادا ڪندو.هن چيو ته سمورن قرضن جي معاهدن جي مدي ۾ 21 جولاءِ 2023 کان 30 جون 2025 تائين واڌ ڪئي وئي آهي.
