ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪنهن به چيني شهري کان ڀتا خوري جي ڪا به شڪايت رپورٽ ناهي ٿي.ميڊيا سان ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ چيو ته چيني ڀائرن جي سيڪيورٽي سان سمجهوتو نٿو ڪري سگهجي.سيڪيورٽي خدشن جي ڪري چيني شهرين جي حرڪت تي پابندي آهي.هن چيو ته سنڌ ۾ ڪنهن به چيني شهري کان ڀتا خوري جي ڪا به شڪايت رپورٽ نه ٿي آهي.اهي چيني شهرين جي قانوني ڪارروائي جي جاچ ڪري رهيا آهن.غلام نبي ميمڻ چيو ته پوليس کي پرڏيهين جي سيڪيورٽي بابت ايس او پيز تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. مقامي اسپانسرز کي به سيڪيورٽي خدشن جي ڪري اڳ وانگر جواب نه ملي رهيو آهي.










