چيمپيئنز ٽرافي: پاڪ-ڀارت ميچ ۾ برسات جو امڪان

چيمپيئنز ٽرافي: پاڪ-ڀارت ميچ ۾ برسات جو امڪان

دبئي (ويب ڊيسڪ)دبئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم پاڪ-ڀارت ميچ جي ميزباني لاءِ تيار آهي، ۽ مداح پرجوش آهن.جڏهن ته دبئي ۾ انهن ڏينهن ۾ هر رات ٿڌي هوا هلي رهي آهي. هتي اڱاري 18 فيبروري تي مينهن پيو، جنهن خميس تي ڀارت-بنگلاديش ميچ بابت پڻ خدشا پيدا ڪيا.راس الخيمه ۾ گڏيل عرب امارات جي بلند ترين جبل جبل جيس تي مينهن ۽ ڳڙا پيا، پر مينهن بنگلاديش ۽ ڀارت جي ميچ تي اثر انداز نه ٿيو.جڏهن ته، موسميات کاتي موجب، دبئي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي ميچ دوران مينهن جو خطرو برقرار آهي.يو اي اي جي موسميات کاتي موجب، آچر جي رات ۽ سومر جي صبح جزوي طور تي ڪڪرن وارو موسم ۽ هلڪي برسات جو امڪان آهي.موسميات جي ماهرن جو خيال آهي ته جيڪڏهن دبئي ۾ برسات پئي ته اها تمام ٿوري وقت لاءِ هوندي، جنهن جو ميچ تي اثر انداز ٿيڻ جو امڪان گهٽ آهي.دبئي ۾ ڏينهن جو گرمي پد 33 ڊگري سينٽي گريڊ ۽ رات جو گرمي پد 20 ڊگري سينٽي گريڊ رهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو