اسلام آباد(بيورو رپورٽ) چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا صدر عارف علوي سان ملاقات نه ڪندو.صدر طرفان چيف اليڪشن ڪمشنر کي موڪليل خط جي معاملي تي چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت هيٺ اليڪشن ڪميشن جو اهم اجلاس ٿيو.ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن صدر کي لکيل خط جو جواب ڏيندو ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر صدر عارف علوي سان ملاقات نه ڪندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ صدر جي خط تي غور ويچار ڪيو ويو آهي.
