ڌانڌلي خلاف پي ٽي آءِ جو مختلف شهرن ۾ احتجاج، 8 ڪارڪن گرفتار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف پاران چونڊن ۾ ڌانڌلي خلاف ڪراچي ۽ لاهور سميت ملڪ جي مختلف حصن ۾ احتجاج جو سلسلو جاري آهي، لاهور ۾ پوليس پي ٽي آءِ جي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي جڏهن ته مٿن لاٺي چارج به ڪيو ويو آهي.پاڪستان تحريڪ انصاف پاران عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي خلاف ڪراچي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو پيو وڃي.احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي خرم شير زمان سميت تحريڪ انصاف جي مختلف اڳواڻن چيو ته چونڊن ۾ پي ٽي آءِ جي کٽيندڙ اميدوارن جا نتيجا تبديل ڪيا ويا ۽ فارم 45 ۾ کٽيندڙن جي فتح کي شڪست ۾ تبديل ڪيو ويو.ٻئي طرف پي ٽي آءِ ڪارڪنن به اسلام آباد ۾ نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو.ڪارڪنن پي ٽي آءِ جي باني جي تصويرن سان گڏ پلي ڪارڊ کڻي ايف 6 کان پريس ڪلب تائين مارچ ڪيو، جتي پي ٽي آءِ اڳواڻن ريلي کي خطاب ڪيو.ان کان علاوه پشاور ۾ به مظاهرا ڪيا ويا، پر سڀ کان وڏو مظاهرو لاهور ۾ جاري آهي، جتي پوليس پاران تحريڪ انصاف جي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو. لاهور هاءِ ڪورٽ ٻاهران گڏ ٿيل تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن تي پنجاب پوليس لاٺي چارج ڪيو ۽ ان دوران پي ٽي آءِ جي جهنڊن سان ڀريل گاڏي کي گهيرو ڪيو ۽ ڊرائيور کي گاڏي مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.مال روڊ تي احتجاج ڪندڙ پي ٽي آءِ جي 8 ڪارڪنن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو.هاءِ ڪورٽ ڀرسان پوليس جي نفري مقرر ڪئي وئي ۽ جيئن ئي پي ٽي آءِ ڪارڪن احتجاج ڪرڻ لاءِ اتي پهتا ته پوليس کين گرفتار ڪري ورتو، جنهن بعد باقي مظاهرين منتشر ٿي ويا.تحريڪ انصاف جا ڪارڪن ۽ انصاف لائرز فورم جا وڪيل به لاهور هاءِ ڪورٽ ٻاهران گڏ ٿيا ۽ کين احتجاج ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ پارڪنگ لاٽ ۾ بند ڪري ڇڏيو.هن وقت جي پي او چوڪ تي تحريڪ انصاف جا ڪيترائي ڪارڪن موجود آهن، جن کي پوليس جي نفري ۽ واٽر ڪينن ذريعي منتشر ڪيو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو