چور ٽرانسفارمر جو ڪوائلز ۽ اوزار چورائي ويا، پوليس خاموش

اوٻاوڙو (ايم بچل گهنڃو ) ريتي لڳ ڳوٺ مڪو خان ڏهر جو ٽرانسفارمر جون ڪوائلون ۽ ٻيو قيمتي سامان رات دير سان چور چوري ڪري ويا جنهن ڏس ۾ ڳوٺاڻن شفيق خان ڏهر ۽ مڪو خان ڏهر ٻڌايو ته اسان جي ڳوٺ جو 50 ڪي وي جو ٽرانسفارمر هيو جيڪو رات 12 وڳي بجلي بند ٿيڻ کان پوء چور لاهي ان مان ڪوائلون ۽ ٻيا پرزا ڪڍي چوري ڪري ويا آهن. هنن چيو ته اسان جي علائقي ۾ ٽرانسفارمر جو قيمتي سامان چوري ٿيڻ معمول بڻجي ويو آهي ٽرانسفارمر چورن جو گروھ آهي جيڪو هڪ پلان تحت وارداتون ڪري رهيو آهي انهن کي روڪيو وڃي هنن ايس ايس پي گهوٽڪي کامطالبو ڪيو ته چورن تائين پهچي اسان جي ٽرانسفارمر جو قيمتي سامان فورن واپس ڪرايو وڃي جڏهن ته هنن سيپڪو عملدارن ۽ وس وارن کان ڳوٺ جي بجلي بحال ڪرائڻ جي پڻ اپيل ڪئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو