چاليهي جي موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام، رستا بند

چاليهي جي موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام، رستا بند

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪربلا جي شهيدن جو چيلم اڄ عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي، ان سلسلي ۾ سڄي ملڪ ۾ جلوس ڪڍيا ويندا.ڪربلا جي شهيدن جي چهلم جي موقعي تي مختلف شهرن ۾ علم، ذوالجناح ۽ تعزيا پڻ برآمد ڪيا پيا وڃن، جلوس جي رستن تي ٿڌي پاڻي ۽ شربت جا ٿلها رکيا ويا آهن.ڪراچي ۾ چهلم جي جلوس جي روٽ تي ويندڙ روڊن تي ڪنٽينر رکيا ويا آهن، جلوس دوران ايم اي جناح روڊ گرومندر کان ٽاور تائين بند رهندو.ٽريفڪ پوليس موجب ناظم آباد کان ايندڙ گاڏيون لسبيلا چوڪ کان نشتر روڊ ۽ لياقت آباد کان ايندڙ ٽريفڪ کي ٽن هٽي کان لسبيلا چوڪ ڏانهن ڊورٽ ڪيو ويندو. اهڙي طرح شاهراهه قائدين کان نمائش ڏانهن ويندڙ گاڏيون ڪشمير روڊ ذريعي وڃي سگهن ٿيون.ڪربلا جي شهيدن جي ڏهاڙي جي موقعي تي سڄي سنڌ ۾ موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڪراچي ۾ به شهيدن ڪربلا جي جلوس جي سڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن، جڏهن ته جلوسن جي هوائي نگراني به ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو