چنڊ نظر نه آيو، پهرين ربيع الاول 18 سيپٽمبر تي ٿيندي: چيئرمين ڪميٽي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)چيئرمين رويت هلال ڪميٽي عبدالخبير آزاد چيو آهي ته ربيع الاول 1445 هجري جو چنڊ نظر نه آيو، پهرين ربيع الاول 18 سيپٽمبر تي ٿيندي. واضح رهي ته سڄي ملڪ ۾ عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم 29 سيپٽمبر تي ملهائي ويندي.اسلام آباد ۾ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين ڪميٽي عبدالخبير آزاد جي صدارت هيٺ ٿيو.اجلاس ۾ موسميات کاتي، سپارڪو، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي.ياد رهي ته چنڊ ڏسڻ لاءِ زونل ۽ ضلعي ڪرسنٽ ڪميٽين جا اجلاس پنهنجي لاڳاپيل هنڌن تي منعقد ڪيا ويا. ان کان اڳ رابطا ڪميٽي چيو ته اسلام آباد ۾ چنڊ نظر اچڻ جي ڪا به شاهدي نه ملي.

پهنجو تبصرو موڪليو