چمن (ويب ڊيسڪ)چمن ضلعي ۾ 7 ڏينهن واري خصوصي پوليو مهم ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.ڊپٽي ڪمشنر جو چوڻ آهي ته پوليو مهم ملتوي ڪرڻ جو فيصلو باب دوستي تي ڌرڻي سبب ڪيو ويو.چمن ۾ باب دوستي بارڊر تان پيدل ٽريفڪ جي نئين شرطن خلاف احتجاج 9 ڏينهن کان جاري آهي.احتجاج ڪندڙ واپارين جو چوڻ آهي ته پاسپورٽ سان روزانو 30 هزار ماڻهن جي آمد و رفت ممڪن ناهي.واپارين مطالبو ڪيو ته چمن ۽ اسپين بولدڪ جي واپارين جا شناختي ڪارڊ بحال ڪيا وڃن.










