چاغي ۽ صوابي ضلعن ۾ ٽرئفڪ حادثا، 9 ڄڻا فوت، 13 زخمي

چاغي ۽ صوابي ضلعن ۾ ٽرئفڪ حادثا، 9 ڄڻا فوت، 13 زخمي

چاغي )ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي ضلعي چاغي ۽ خيبرپختونخواهه جي ضلعي صوابي ۾ ٽرئفڪ حادثن ۾ نو ماڻهو فوت ٿي ويا.بلوچستان جي ضلعي چاغي ۾ يڪ مچ ويجهو ٻن گاڏين ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ست ماڻهو فوت ۽ ٽي زخمي ٿي پيا، پوليس اختيارين موجب لاشن ۽ زخمين کي دالبادين اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.ٻئي طرف، صوابي ۾ ايم-1 موٽر وي تي انبار انٽرچينج جي ويجهو هڪ حادثو پيش آيو، جتي پنج گاڏيون ٽڪرائجي ويون، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه فوت ۽ 10 زخمي ٿيا.ريسڪيو اختيارين موجب زخمين ۽ لاشن کي باچا خان ميڊيڪل ڪمپليڪس منتقل ڪيو ويو آهي، حادثي جو شڪار گاڏيون پشاور کان اسلام آباد وڃي رهيون هيون. حادثي وقت موٽر وي تي ٽريفڪ جي وهڪري ڪجهه وقت لاءِ متاثر ٿي هئي. شروعاتي طور تي حادثي جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو