روڊ حادثو، عورت ڌيءَ سميت فوت، مڙس زخمي

ڄامشورو:(ن س) ڄامشورو ۾ انتهائي افسوسناڪ روڊ حادثو پيش آيو آهي، ٽرڪ اڳيان هلندڙ موٽر سائيڪل کي ٽڪر هڻي ڪڍيو، جنهن جي نتيجي ۾ عورت ڌيءَ سميت چيڀاٽجي فوت ٿي وئي، جڏهن ته سندس مڙس زخمي ٿي پيو آهي.ڄامشورو شھر جي پل وٽ بابري مسجد سامھون ڄامشورو _حيدرآباد روڊ تي تيز رفتار پٿرن سان ڀريل ٽرڪ اڳيان ويندڙ موٽرسائيڪل کي ٽڪر هڻي ڪڍيو، حادثي جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار حيدرآباد واسي عورت حبا قائمخاني ۽ سندس معصوم ڌيءَ 7 ورهين جي عشا فاطما چيڀاٽجي فوت ٿي ويا، حادثي ۾ موٽر سائيڪل هلائيندڙ عدنان قائمخاني سخت زخمي ٿي پيو، فوتين جا لاش ۽ زخمي کي لمس اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.اهڙي اطلاع تي پوليس پهچي ٽرڪ پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو