اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ڀارت طرفان گيتا سريواستوا کي پاڪستان ۾ پهرين عورت ڪوآرڊينيٽر آف افيئر مقرر ڪيو ويو آهي.گيتا سريواستوا برطانيه کان آزادي کانپوءِ پاڪستان ۽ ڀارت جي معاملن جي پهرين عورت ڪمشنر آهي جيڪا اسلام آباد ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشن ۾ مقرر ڪئي وئي آهي.گيتا سريواستوا جلد ئي پنهنجي عهدي جو چارج سنڀاليندي.ڀارتي هاءِ ڪميشن ۾ موجوده انچارج ڊي افيئر سريش ڪمار جي مدت ختم ٿيڻ ۽ نئين دهلي وڃڻ کانپوءِ گيتا سريواستو پنهنجي عهدي جو چارج سنڀاليندو.
