راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان رينجرز ڀارت پاران اسمگلنگ جي وڏي ڪارروائي ناڪام بڻائي ڇڏي. آءِ ايس پي آر موجب 29 جولاءِ کان 3 آگسٽ تائين دراندازي جي ڪوششن تي 6 ڀارتي اسمگلرن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته گرفتار ڀارتي شهري منشيات ۽ هٿيارن جي اسمگلنگ ۾ ملوث آهن، گرفتار ڀارتي شهرين ۾ فيروزپور جو رهواسي گرميج سنگهه، شندر سنگهه، جگندر سنگهه، وشال سنگهه شامل آهن. آءِ ايس پي آر موجب گرفتار ٿيلن ۾ جالنڌر جو رهواسي مهندر سنگهه ۽ لڌيانا جو رهواسي گروندر سنگهه به شامل آهن.
