ٿرڙي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو، هڪ زخمي

ٿرڙي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو، هڪ زخمي

ٿرڙي محبت(ن س) ٿرڙي محبت ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. ڳوٺ بوٿرو ۾ امام بارگاهه ڀرسان ويٺل ٻن سئوٽن مٿان هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 18 ورهين جو ڪاشف علي ڏهر مارجي ويو، جڏهن ته مهراڻ ڏهر سخت زخمي ٿي پيو. زخمي نوجوان کي تعلقي اسپتال ميهڙ مان لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته مقتول نوجوان جو لاش ٻن ڪلاڪن تائين واقعي واري هنڌ پيل هو. وارثن جو چوڻ هو ته سندن مختلف برادرين سان تڪرار هلندڙ آهي، جوابدارن جو پتو ناهي پئجي سگهيو. وارثن ٻڌايو ته ٻئي نوجوان گذريل رات کان گهران نڪتل هئا، اڄ صبح ڳوٺ ڀرسان امام بارگاهه ٻاهران ويٺا هئا ته اڻڄاتل هٿياربندن مٿن فائرنگ ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو