ٿرپارڪر جو لاوارث شھر ڏيپلو، اعجاز جان بجير

ٿرپارڪر ضلعو ستن تعلقن تي مشتمل ضلعو آھي. جنهن ۾ تعلقي ڏيپلي جي هڪ الڳ اهميت آھي ڇو ته هو هڪ ميمڻ خاندان ۽ ارباب خاندان جي اباڻي تعلقي جي ڪري خاص اهميت رکي ٿو پر اهو تعلقو توڙي شھر هميشه لاوارث ئي رهيو آھي ۽ شھر ۾ مسئلن جا انبار لڳل آھن. هن تعلقي تي هميشه ارباب خاندان ئي ڪامياب ٿيندو رهيو آھي. اڳوڻو وزيراعلىٰ ارباب غلام رحيم ڪافي عرصي کان ئي هن تعلقي تان ڪامياب ٿيندو رهيو آھي پر هن اليڪشن ۾ ارباب خاندان جي ورهائجڻ ۽ ارباب لطف الله جو پ پ پ ۾ شامل ٿيڻ سبب ووٽ ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي ويو ۽ ارباب لطف الله کٽي ويو. اهڙي طرح وري به ارباب خاندان وري به تعلقي تي حڪمراني برقرار رهي.  ڏيپلائي ميمڻ لاٽ خاندان جو به اباڻو تعلقو ڏيپلو آھي. ڪافي دفعا لاٽ خاندان پاران اليڪشن وڙھڻ کانپوءِ به اها موٽ نه ملي جيڪا ملڻ گهرجي. ٻي ڳالھ ميمڻن جو هن شھر سان اهو ئي لڳاءُ آھي جيڪو رهڻ وقت هو هاڻي ڪجه گهرن کانسواءِ سڀ ٻين شھرن ڏانهن منتقل ٿي ويا آھن انهي جي شھر مسئلن ۾ ايتري دلچسپي نه آھي. پاڪستان پيپلزپارٽي ٿرپارڪر جي ضلعي صدر ۽ سينيٽر انجنئير گيان چند جو تعلق به هن تعلقي سان آھي. جنهن کي اربابن سان مهاڏو اٽڪائڻ ۽ پارٽي سان سچو رهڻ جي ڪري ئي اهي عهدا ڏنا ويا آھن. هن تعلقي ۾ بجير برادري جو به ڪافي ووٽ بينڪ آھي جنهن سان تعلق رکندڙ ميئن بجير ڪافي عرصو تعلقي صدر رهي چڪو آھي. هن وقت پ پ پ جو تعلقي صدر عيسىٰ راهمون آھي، هن جو پارٽي سان قربانيون ڪنهن کان ڳجهيون نه آھن. هن تعلقي ڏيپلي ۾ نهڙيا برادري جو ووٽ ڪافي تعداد آھي جنهن جي ڪري ئي ارباب گروپ کٽندو آيو پئي پر هن وقت ارباب خاندان جو ٻن حصن ۾ ورهائجڻ جي ڪري ئي ارباب گروپ کي شڪست آئي. هي ته هيو هڪ سياسي پس منظر تعلقي ڏيپلي جو پر هاڻي اچجي اصل موضوع تي ته ڏيپلو شھر لاوارث ڪيئن بڻيو ۽ انهي جا سبب ڪهڙا آھن.

ڏيپلو شھر هينئر مڪمل مسئلن ۾ گهيريل آھي جنهن ۾ پاڻي جو مسئلو، ڊرينيج جو مسئلو،صفائي جو مسئلو؛ روڊ ٽٽل، قبضاگيري، رشوت خوري ڪرپشن، اقرباپوري عروج تي آھي. انهي جو سبب شھر جي ڌڻيپ نه ٿيڻ آھي، نئين بلدياتي نظام کانپوءِ شھر کي ميونسپل ڪميٽي جو درجو حاصل ٿيو ۽ سينيٽر انجنيئر گيان چند جي ڀاءُ موهن ميگهواڙ کي ميونسپل چيئرمين مقرر ڪيو ويو ۽ ان کي صرف شھر جا مسئلا ڏسڻا هئا پر خبر نه ڪهڙي انا يا عدم دلچسپي جي ڪري شھر جي حالت بدلجي نه سگهي، اتي ئي جيڪڏھن ضلعي جي هيڊڪوارٽر ۽ ميونسپل ڪميٽي مٺي کي ڏسجي ته اتي ڪافي قدر بهتري آئي آھي حلانڪه هو شھر هن شھر کان وڏو شھر به آھي ۽ بجيٽ ته سڀني جي هڪ جيتري هوندي. ميونسپل چيئرمين پهرين ڏينهن کان ئي تنقيد ۽ خبرن  ۾ رهيو آھي ان جا ڪهڙا سبب ٿي سگهن ٿا اهو هر ڪو سمجهي سگهي ٿو. جيڪڏھن پلاننگ ۽ دلچسپي سان ڪم ٿئي ها ته شايد اڄ شھر جا ڪافي مسئلا حل ٿي وڃن ها.

تعلقي ڏيپلي جي جڏھن ٽائون ڪميٽي هئي ۽ ميونسپل ڪميٽي آھي سدائين پنهنجا نوازي ۽ ڪرپشن جي ور چڙھيل رهي آھي انهي جو سبب ٽائون آفيسر رهيا آھن جيڪي صرف پنهنجي ڪمائي خاطر ئي ڏيپلي تعلقي جي چونڊ ڪئي آھي ۽ جيڪڏھن ميونسپل ڪميٽي جي ملازمن جي ڳاله ڪجي ته اڌ کان مٿي غيرقانوني ۽ گهرج کان مٿي ڀرتي ڪيل ملازمن جي آھي ۽ وري اهم عهدا به انهن ملازمن جي حوالي ٿيل آھن جيڪي ملازم غيرقانوني يا تڪراري آھن. صفائي ڪندڙ ملازم به ڪافي تعداد ڀرتي ٿيل جيڪي به گهوسٽ ملازم آھن صرف پگهار جي وقت ظاهر ٿين ٿا. ٽن مهينن کان ملازمن جي پگهار به جاري ٿي نه سگهي آھي. شھر جا پارڪ، لائبريريون اجڙيل ۽ بند پيل آھن. قبرستانن کي ديوار نه هئڻ سبب انهن تي قبضا ۽ قبرن جي بي حرمتي به ٿئي ٿي. مٺي پاڻي جي کوٽ برقرار آھي. پاڻي لائن جي ذريعي آيو ته صحيح پر لائنون ٽٽڻ جي ڪري پاڻي ذايع ٿي ويندو آھي. ڪافي ڀيرا اين آء ٽي ٿيڻ باوجود گهڻن روڊن جا  انا سبب ڪم ٿي نه سگهيا آھن. روڊ رستن لاءِ جيڪي اين آءِ ٽيون ٿيون انهن ۾ پنهنجا نوازي تي ٺيڪا ڏيڻ سبب اهي روڊ ٺھڻ کان اڳ ئي ڊھي ويا. جيڪڏھن تعليم جي ڳاله ڪجي ته اسڪول ڪافي بهتر طريقي سان هلي رهيا آھن ۽ گرلس اسڪولن ۾ ماسترياڻين جي گهٽ ھجڻ ۽ غير حاضر رهڻ جون شڪايتون ملن ٿيون. ڊگري ڪاليج ڏيپلو ۾ اسٽاف جي کوٽ ھئڻ سبب ڪلاسز متاثر ٿين ٿا. صحت جي حوالي سان تعلقه اسپتال ڏيپلو ۾ جيڪي سهولتون ڏنيون ويون آھن ان تحت بهتر ڪم ٿي رهيو آھي. او پي ڊي ۾ ڪافي رش ڏسڻ ۾ ايندي آھي پر بلڊنگ خسته حالي جو شڪار ايم اين سي ايڇ سينٽر ۽ ٽراما سينٽر جي بلڊنگن جو ڪم ته مڪمل ڪيو ويو پر انهن کي استعمال نه ڪرڻ جي ڪري اهي اجڙي رهيا آھن. ڏيپلي شھر جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ شھر اتحاد ڏيپلو جو نالي سان هڪ اتحاد ٺاهيو ويو آھي، انهي ۾ ڪير شامل آھي ڪير نه ان جي ايتري ڄاڻ نه آھي پر اهو شھر جي مسئلن کي جتي اجاگر ڪري رهيا آھن اتي ڪجه دوست انهي اتحاد مڃڻ جي لاءِ تيار نه آھن ڇو ته اهي دوست الزام لڳائن ٿا ته اهو اتحاد ڪجه ماڻھن تي مشتمل آھي. سڀني برادرين جي ماڻھن تي مشتمل نه آھي ان جي ڪري هر ڪو انهن تي به آنڱر کڻي ٿو ته اها صرف ميونسپل چيئرمين کي بدنام ڪرڻ  لاءِ بڻائي ويئي آھي نه ڪي شھر جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ انهي لاءِ انهن دوستن کي به گهرجي ته هڪ اهڙو پليٽ فارم جوڙين جيئن سڀني جي نمائندگي هجي نه ڪي خاص ماڻھن جي ۽ انا کي ڇڏي ڪنهن بهتر ماحول ۾ شھر جا مسئلا حل ڪرڻ گهرجن ۽ ميونسپل چيئرمين کي به پنهنجي انا کي ختم ڪري انهن سان شھر جي مسلئن تي ڳالهائي سگهجي. باقي ٻنهي جي انا سان مسئلا حل نه ٿيندا ويتر ئي خراب ٿيندا ويندا.

جيڪڏھن چونڊيل نمائندن ۽ سياسي ماڻھن جو شھر جي مسئلن کي حل لاءِ ڪردار جي ڳاله ڪجي ته اها نه هئڻ جي برابر آھي. حڪومتي پارٽي جا ايم اين اي، ايم پي اي ۽ سينيٽر جيڪي هن تعلقي سان واسطو آھي ته انهن کي مٿان کان ئي علائقا ورهائي ڏنا ويا آھن اهو ٻئي جي ڪم ۾ مداخلت نٿو ڪري سگهي ان جي ڪري شھر جي مسئلي تي ڪير به  نه ڪڇندو ڇو ته شھر ان جي ئي حوالي ٿيل آھي جيڪو هينئر شھر ۾ چونڊيل آھن پوءِ اهو ڪيئن به ڪري ٻيو نه ڪڇندو. انهي جي ڪري شھر جي مسئلن تي ايترو ڳالهائڻ باوجود نه ڪنهن دلچسپي ورتي نه ڪنهن انهن معاملن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. مٺي شھر کي هن تڪ ۾ شامل ڪرڻ کانپوءِ تعلقي ڏيپلي جي اهميت هڪ ڳوٺ وانگر ٿي ويئي آھي، بس جنهن جي حوالي اهو ڄاڻي شھر ڄاڻي، اسان هينئر گلا ڪيون ته سينيٽر انجنيئر گيان چند کان ڪري سگهون ٿا ته هن کي هن جي ڀاءُ موقعو ملڻ باوجود اهو ڪم ڇو نه ڪيو جنهن سان هو پاڻ کي مڃرائين ها ته اسان تعلقي جي شھر کي سنواريو آھي. هينئر جيڪو ڪوشش هلي پئي اها اها ئي هلي پئي ته پنهنجي وارڊ ۾ پنهنجو ووٽ بينڪ وڌائڻ جي ڪوشش ٿئي پئي ۽ ڳوٺن مان ماڻھن کي شھر ۾ آباد ڪيو پيو وڃي جيئن ايندڙ اليڪشن ۾ وارڊ کٽي وري ميونسپل چيئرمين جا اميدوار ٿي سگهون، باقي ايم اين اي ۽ ايم پي اي آجا آھن انهن کان ڪير پڇاڻو نٿو ڪري سگهي ته شھر ۾ ڇا ٿي رهيو آھي، ها باقي اڳيئن اليڪشن لاءِ ڪوشش ٿئي پئي ته اسان هن شھر کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ ڪيون. باقي مخالف ڌر جي ڳاله ڪجي ته صرف تعلقو ڏيپلو نه پر پوري ٿر ۾ مخالف ڌر نه آھي باقي اليڪشن ۾ سڀ ظاهر ٿيندا.

باقي جيڪڏھن ميمڻ ڪميونٽي جي ڳاله ڪجي ته هو هاڻي آجا آھن تعلقي ڏيپلي کان اگر شھر لاءِ ڪجه ڪندا ته انهن جي مهرباني نه ڪندا ته به مهرباني.

بس شھر سان ڪنهن جا ڪهڙا مفاد ڪير ڇا ٿو ڪير ڇا نه انهي کي ڇڏي ڪري اچو ته سڀ گڏجي، جيڪي به اسٽيڪ هولڊر آھن پنهنجي انا کي هڪ پاسي رکي هن شھر لاءِ سوچون ۽ انهي کي مٺي شھر وانگر اهي سهولتون ڏيون جيڪي اتي ويٺل ماڻھن کي انهن مان فائدو ٿي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو