پ پ جو تحريڪ انصاف سان چونڊ اتحاد نه ڪرڻ جو فيصلو

پشاور (ويب ڊيسڪ) پ پ تحريڪ انصاف سان چونڊ اتحاد نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي گورنر هائوس ۾ خيبر پختونخواهه جي گورنر غلام علي سان ملاقات ٿي، جنهن ۾ پ پ جو وفد ۽ جي يو آءِ (ف) جا اڳواڻ به موجود هئا، ملاقات ۾ صوبي جي سياسي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان حوالي سان پ پ خيبر پختونخواهه جي جنرل سيڪريٽري ملڪ محمد سعيد ٻڌايو ته گذريل ڏينهن آصف زرداري سان پ پ جي ٽڪيٽ هولڊرن ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ چونڊن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. هوڏانهن آصف زرداري جي گورنر هائوس ۾ پارٽي اڳواڻن سان ٿيندڙ ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي. ذريعن موجب ملاقات ۾ اڳوڻي صدر پارٽي اڳواڻن کي پي ٽي آءِ سان چونڊ اتحاد نه ڪرڻ جي هدايت ڪندي واضح ڪيو ته ٻين جماعتن سان اتحاد جو فيصلو صوبائي قيادت ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو