ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته پ پ جلد وفاق ۾ به حڪومت ٺاهيندي، سنڌ حڪومت برسات متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏيندي.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ ڪابينه جا ميمبرز برسات متاثرن جي واهر لاءِ فيلڊ ۾ موجود آهن، ڪراچي سميت سمورن ضلعن ۾ حڪومتي مشينري به متحرڪ آهي.هن چيو ته گذريل ڏينهن سڀ کان وڌيڪ برسات بدين جي تعلقي شهيد فاضل راهو ۾ 190 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي، ميرپورخاص ۾ 157، ڊگهڙي ۾ 159 ۽ سنڌڙيءَ ۾ 136 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.هن چيو ته وڏو وزير مراد علي شاهه ۽ سنڌ ڪابينه جا ميمبرز برسات متاثر علائقن جو دورو ڪري رهيا آهن، ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ميئرز سميت ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز فيلڊ ۾ موجود آهن، بجلي نه هئڻ سبب پاڻي جي نيڪال ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.صوبائي وزير شرجيل ميمڻ طرفان اسڪولز ۽ ڪاليجز ۾ منشيات جي ٽيسٽ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو.










