ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) متحده قومي موومينٽ پاڪستان کان پوءِ پاڪستان پيپلز پارٽي به سنڌ مان جنرل سيٽ تي آزاد اميدوار فيصل واوڊا جي حمايت جو فيصلو ڪري ورتو آهي.پ پ جي ذريعن موجب پارٽي جي قيادت طرفان 6 سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن کي فيصل واوڊا کي ووٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. فيصل واوڊا کي 6 ووٽ ڏيڻ تي پيپلز پارٽي 7 جنرل سيٽن مان 5 تي ڪاميابي حاصل ڪري سگهندي.ان کان علاوه ايم ڪيو ايم جي قيادت به ميمبرن کي آزاد اميدوار فيصل واوڊا کي ووٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي، ياد رهي ته سينيٽ جي 12 سيٽن جي لاءِ پولنگ سنڌ اسيمبلي ۾ 2 اپريل تي ٿيندي.










