پي ٽي آئي چيئرمين اسان کي معاشي ڌٻڻ ۾ ڌڪي ڇڏيو: مولانا

لاهور (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه ۽ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي صدر مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پي ٽي آئي چيئرمين اسان کي معاشي ڌٻڻ ۾ ڌڪي ڇڏيو مان نه پيو ڏسان ته ڪائي ايندڙ حڪومت اسان کي هن ڌٻڻ مان ڪڍي سگهندي معاشي عدم استحڪام اچي ٿو ته ملڪ جي علائقن ۾ بغاوتون شروع ٿي وڃن ٿيون اسان ٻڌي برقرار رکي ته جيئن بغاوتون شروع نه ٿين پنهنجي وس مطابق هڪ جنگ وڙهي اسان پاڪستان ۾ هٿياربند جنگ نٿا چاهنيون هٿياربند جنگ سان فائدو ڪو ٻيو وٺندو معاسي ڌٻڻ ۾ ڌڪي ويڙهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر اسان ٻڌي قائم رکي لاهور ۾ ختم نبوت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان اسرائيل کي تسليم رڪائڻ جو ايجنڊا نامنطور ڪرايو 2018 ۾ جيڪا حڪومت، مڙهي وئي اها انهيءَ ايجنڊا تي ٺاهي وئي هئي ڪشمير کي ڀارت جي حوالي ڪرڻ ۽ اسرائيل کي تسليم ڪرڻ ان جو مقصد هو دانشورن کي اسرائيل کي تسليم ڪرڻ ۾ ته مفاد نظر اچي ٿو پر فلسطيني مسلمانن تي ظلم ۽ ڏاڍ نظر نٿو اچي هن چيو ته پاڪستان کي ئي آخر ڇو نشانو بڻايو پيو وڃي ڇو دٻاءُ وڌو پيو وڃي دنيا ۾ ته ٻيا به کوڙ اسلامي ملڪ آهن رڳو هڪ پاڪستان کي نشانو بڻايو پيو وڃي ته آئيني ترميم واپس وٺون نه ڀارت، نه بنگلاديش، نه افغانستان ۽ نه ئي ايران جي معيشت تي هي دٻاءُ وڌو وڃي ٿو جيڪو پاڪستان تي وڌو وڃي ٿو هن چيو ته جڏهن سي پيڪ تي ڪم شروع ٿي ويو ته آمريڪا کي هوش آيو سي پيڪ جو ٻاهرين سيڙپڪاري جو منصوبو ختم ڪيو ويو ملڪ ۾ پهريان معاشي عدم استحڪام آندو ويو ۽ پوءِ سياسي ۽ سڀ ڳالهيون عوام کي سمجهڻ جي ضرورت آهي هن چيو ته 6 سيپٽمبر تي اسان جي بهادرن جنگ وڙهي لاهور لٺين سان جنگ وڙهي مثال قائم ڪيو اسان کي هي سبق ياد رکڻو آهي ۽ پنهنجي ايندڙ نسلن کي ياد ڪرائڻو آهي جنهن امن لاءِ 11 کان 12 آپريشن ڪيا ويا اڄ به اتي صورتحال ٺيڪ نه آهي ٽارگيٽ ڪلنگ ٿي رهي آهي هن چيو ته ڀارت جي سپريم ڪورٽ ڪشمير جي حوالي سان مودي جي خلاف فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان کي الله جي دين کي کڻي اڳتي هلڻو آهي ختم نبوت هڪ غير سياسي عنوان آهي ختم نبوت لاوارث نه آهي اسان ان جا محافظ آهيون اسان ته اسلام جي ڳالهه ڪرڻ ورا آهيون شريعت جي ڳالهه ڪرڻ وارا آهيون ۽ اسان کي ئي نسانو بڻايو پيو وڃي مولانا فضل الرحمان چيو ته عظيم الشان ڪانفرنس ڪرائڻ ۽ مون کي دعوت ڏيڻ تي عالمي تحفظ ختم نبوت جو شڪر گذار آهيان.

پهنجو تبصرو موڪليو