اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) تحريڪ انصاف جي ٻن اڳوڻن ايم اين ايز مولوي محمود ۽ عثمان ڊار ٻن ڌار ڌار ٽي وي چينلز جي پروگرامن ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته عمران خان جي گرفتاري جي صورت ۾ جي ايڇ ڪيو ۽ لاهور جي ڪور ڪمانڊر هائوس سميت فوجي تنصيبات تي حملن جو فيصلو اهم اجلاس ۾ ٿيو هو.عمران خان جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ اهو فيصلو ٿيو هو. سيالڪوٽ مان ايم اين اي رهندڙ عثمان ڊار دنيا ٽي وي تي ڪامران شاهد جي پروگرام ۾ اهڙو بيان ڏيندي پي ٽي آءِ ۽ سياست ڇڏڻ جو اعلان به ڪيو. جڏهن ته ڪراچي مان ننڍي چونڊ ۾ ڪامياب ٿيندڙ مولوي محمود نديم ملڪ جي پروگرام ۾ سما ٽي وي تي اهڙو اقرار ڪندي چيو ته مان اسٽيبلشمينٽ کي خبردار ڪيو هو ته فوج خلاف ذهن سازي هلي رهي آهي. نجي ٽي وي چئنلن کي انٽرويو ۾ عثمان ڊار چيو ته 9 مئي حملن جو مقصد فوج تي دٻاءُ وجهي آرمي چيف جنرل عاصم منير کي عهدي تان هٽائڻ هو، پارٽي جي موجوده صورتحال جو ذميوار چيئرمين عمران خان پاڻ آهي. هن چيو ته 9 مئي واقعن جو منصوبو زمان پارڪ ۾ ٺاهيو ويو، پي ٽي آءِ چيئرمين فوج سان ٽڪراءَ جي پاليسي جي قيادت ڪئي، پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاري جي صورت ۾ حساس ملڪيتن کي نشانو بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي، حساس ملڪيتن کي نشانو بڻائڻ جي هدايت پي ٽي آءِ چيئرمين پاڻ ڏني. سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ چيئرمين پاڻ کي گرفتاري کان بچائڻ لاءِ ڪارڪنن جي ذهن سازي ڪئي، ڪارڪنن کي انساني ڍال طور استعمال ڪيو ويو، تحريڪ انصاف جو لانگ مارچ جنرل عاصم منير جي آرمي چيف طور مقرري روڪرائڻ لاءِ ڪيو ويو هو.










