پي ٽي آءِ کي پنهنجو سياسي رستو پاڻ ٺاهڻو پوندو: يوسفزئي

پي ٽي آءِ کي پنهنجو سياسي رستو پاڻ ٺاهڻو پوندو: يوسفزئي

پشاور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شوڪت يوسفزئي چيو آهي ته پي ٽي آءِ کي پنهنجي لاءِ سياسي رستو پاڻ ئي ڪڍڻو پوندو، ڪنهن جي سهاري سياسي گنجائش نه ملندي.ميڊيا سان ڳالهائيندي شوڪت يوسفزئي چيو ته راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته ثبوتن کانسواءِ الزام نه لڳائڻ گهرجن، پر خيبرپختونخوا ۾ رڳو الزامن جي بنياد تي اسان جي حڪومت ختم ڪئي وئي. هن چيو ته گورنر راڄ گهڻي عرصي تائين هلي نه سگهندو، جڏهن ته سوال اهو آهي ته اهي ڪهڙي حيثيت ۾ روڊن جو افتتاح ڪري رهيا آهن؟ انهن سان پي ٽي آءِ کي ختم ڪرڻ جو ايجنڊا به گڏ آندو ويو آهي. شوڪت يوسفزئي موجب پي ٽي آءِ لاءِ سياسي گنجائش نه ڇڏي وئي آهي، پارٽي جي سمورن اڳواڻن خلاف ٿري ايم پي او سميت مختلف ڪيس داخل آهن، جڏهن ته ڪالهه هاءِ ڪورٽ کي به سندن ڪيس ٻڌڻ کان روڪيو ويو، جيڪا افسوسناڪ ڳالهه آهي. هن چيو ته پارٽي جا اڪثر اڳواڻ جيلن ۾ آهن، جڏهن ته باقي اڳواڻن خلاف به ڪيس آهن، پي ٽي آءِ پارليامينٽ ۾ موجود آهي، تنهنڪري پارلياماني ڪميٽين ۾ شرڪت ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ مولانا فضل الرحمان کي ڪنٽينر تي اچڻ جي دعوت ڏني هئي، لڳي ٿو ته حڪومت ۽ جي يو آءِ (ف) وچ ۾ ڪجهه وقت لاءِ ڇڪتاڻ رهندي، جنهن کانپوءِ صورتحال معمول تي اچي ويندي. شوڪت يوسفزئي جو چوڻ هو ته عمران خان سان ملاقات ٿيڻ سٺي ڳالهه آهي، ان دوران ڪيسن بابت صلاح مشورا به ٿي سگهن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو