اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ وفد جي يو آءِ جي امير مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه اسلام آباد جو دورو ڪيو جتي اڳواڻن ملڪ جي موجوده سياسي ۽ خطي جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون.پي ٽي آءِ وفد ۾ اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر، صوبائي صدر جنيد اڪبر، شهرام ترڪئي شامل هئا. جي يو آءِ جي مولانا صلاح الدين ايوبي، جلال الدين ايڊووڪيٽ، مولانا اسجد محمود ملاقات ۾ شريڪ هئا، مولانا فضل الرحمان طرفان پي ٽي آءِ وفد جي مان ۾ مانجهاندو ڏنو ويو.ملاقات ۾ خيبرپختونخواهه ۾ امن امان جي حوالي سان پي ٽي آءِ طرفان قومي جرگو منعقد ڪرڻ جي تجويز تي مولانا فضل الرحمان سان مشاورت ڪئي وئي. مولانا فضل الرحمان قومي جرگه جي تجويز جي آجيان ڪئي.پي ٽي آءِ وفد پارليامينٽ ۾ اپوزيشن کي متحد ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي اپيل ڪئي. محمود خان اچڪزئي جي بطور اپوزيشن اڳواڻ نامزدگي تي اتفاق ڪيو ويو. پي ٽي آءِ وفد ڪي پي اسيمبلي ۾ سينيٽ جي خالي سيٽ تي جي يو آءِ کان تعاون جي پڻ درخواست ڪئي.










