پشاور: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) جي دور ۾ سرڪاري سوشل ميڊيا ٽيمن ذريعي وڏي پيماني تي پروپيگنڊا ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.ان حوالي سان جاري ڪيل انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته خيبرپختونخواهه جي بجيٽ ۾ انهي پراجيڪٽ جي لاڳت 870 ملين روپيه رکي وئي هئي. ساليانو ترقياتي پروگرام جي آڙ ۾ سوشل ميڊيا ٽيمن کي ناڪاري ڳالهيون پکيڙڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو.انگن اکرن موجب سوشل ميڊيا اڪائونٽس کي سياسي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ پروپيگنڊا مهم ۽ مس انفارميشن جي لاءِ استعمال ڪيو ويو. انگن اکرن موجب سوشل ميڊيا ٽيم ۾ شامل ملازمن جي پگهار 25 کان 40 هزار روپيه هئي. ۽ پي ٽي آءِ جي رياست مخالف پروپيگنڊا ۾ شامل اڳ کان موجود 800 اڪائونٽن جي تحقيق ڪئي وئي.ان حوالي سان فردوس عاشق اعواڻ ٻڌايو ته قوم ڏٺو ته جنهن کي اڳواڻ چونڊ ڪيو انهي رهزن بڻجي پئسن جو اجايو استعمال ڪيو. ڪي پي ڪي ۾ سوشل ميڊيا سينٽر بڻائي پي ٽي آءِ چيئرمين اي ڊي پي جي فنڊ کي استعمال ڪيو. جنهن جي ترقي لاءِ 870 ملين روپيه خرچ ڪيا ويا.هن چيو ته 30 کان 40 هزار پگهار تي نوجوانن کي پروپگينڊا ڪرڻ لاءِ نوڪريون ڏنيون ويون. 800 کان وڌيڪ جعلي اڪائونٽس ذريعي ملڪ جو سسٽم تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. سرڪاري وسيلن سان پي ٽي آءِ جو ڪوڙو بيانيو پکيڙيو ويو ۽ رياستي ادارن کي سوشل ميڊيا تي جعلي اڪائونٽس سان نشانو بنايو ويوفردوس عاشق اعواڻ وڌيڪ چيو ته قوم جو پئسو قوم کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪيو ويو نوجوانن جي ذهنن کي بارود سان ڀريو ويو. سوشل ميڊيا ذريعي ٽاپ ٽرينڊ ۾ رهڻ پي ٽي آءِ چيئرمين جو اهم مشغلو هو. اسان سياسي ماڻهو آهيون پاڪستان لاءِ جيئڻ چاهيون ٿا پاڪستان جي لاءِ مرڻ چاهيون ٿا.
ريڊيو پاڪستان جا رٽائرڊ ملازم ادائيگين کان محروم،ڪراچي ۾ احتجاج
ڪروڙين ماڻهن جي چيٽ ” جي پي ٽي “ ڏانهن لاڙو، انگ اکر
پي ٽي آءِ احتجاج ملتوي ڪري، ڪو هٿ چڙهيو ته پوءِ اسان کي ميار نه ڏجو
پي ٽي آءِ کي لاش گهرجن، ماڻهن کي مارائڻ جي منصوبه بندي ٿي چڪي
ڊاڪٽر شاهنواز جي ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ قتل خلاف احتجاج جو اعلان
ترميم لاءِ چيو ويو ته آچر تي ڪيون ، ٻي صورت ۾ سومر تي آسمان ڪرندو
ملائشين وزيراعظم جي پاڪستان آمد، گارڊ آف آنر پيش،شهباز سان ملاقات
بلاول ڀٽو جو جماعت جي اسرائيل خلاف احتجاج ۾ شرڪت جو اعلان
63 اي نظرثاني ڪيس جو فيصلو ڪلعدم،درخواستون منظور
آمريڪا جي ‘گلوبل گيم’ ۽ جنگ جي گهيري ۾ آيل وچ اوڀر
پاڪستان تجويزن تي عمل ڪندو ته هي آخري پروگرام هوندو، آءِ ايم ايف
اسلام ڪوٽ روڊ حادثو ، 2 ڄڻا فوت، 20 کان وڌيڪ زخمي
رتيش بريڪ اپ جو پيغام موڪليو: جينيليا جي دلچسپ ڪهاڻي
ايڪسچينج تاريخ جي نئين حدر پار ،980 پوائنٽس جي واڌ
قلعه سيف الله ۾ ڊپٽي ڪمشنر شيراني جي گاڏي تي فائرنگ
سنڌ سرڪار کي ڊي ايڇ اي کي زمين الاٽ نه ڪرڻ جو حڪم
نتاشه عدالت آڏو پيش نه ٿي،حاضري ڇوٽ منظور
اڊيالا جيل جي ڊپٽي ۽ اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ سميت 4 اهلڪار برطرف
ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن تي اسرائيلي حملن جي حمايت نه ڪنداسين
سڄي سنڌ جي ميڊيڪل يونيورسٽيز جا وي سيز طلب