اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پي ٽي آءِ جي باني پارٽي ڇڏڻ وارن اڳواڻن جي واپسي روڪي ڇڏي آهي.ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ باني جي هدايت تي قائم ڪيل 7 رڪني ڪميٽي اڳواڻن جي واپسي جو فيصلو ڪندي.ڪميٽي جو سربراهه شاهه محمود قريشي ڪندو، جنهن ۾ اسد قيصر، حامد خان، شهريار آفريدي، بئريسٽر گوهر ۽ شبلي فراز شامل هوندا.شاندانه گلزار عورتن جي ڪيسن ۽ پارٽي ڇڏڻ جا سبب ٻڌائيندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پارٽي قيادت جي آزاد ٿيڻ تائين ڪنهن به اڳواڻ جي پارٽي ۾ واپسي روڪي وئي.اڳواڻن جي واپسي جو فيصلو پي ٽي آءِ باني جي آزادي کانپوءِ ئي ڪيو ويندو.ڪميٽي نالن جي حتمي لسٽ پي ٽي آءِ باني کي موڪليندي جيڪو ان تي فيصلو ڪندي.










