پي ٽي آءِ جلسو، ڪوئٽه جا رستا بند، موبائل ۽ انٽرنيٽ سروس معطل

پي ٽي آءِ جلسو، ڪوئٽه جا رستا بند، موبائل ۽ انٽرنيٽ سروس معطل

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف ۽ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي اڄوڪي ڪوئٽه واري جلسي کي نظر ۾ رکندي شهر جي سمورن رستن کي ٽرڪ ۽ ڪنٽينر لڳائي بند ڪيو ويو آهي جڏهن ته موبائل ۽ انٽرنيٽ سروس به معطل ڪئي وئي آهي.ضلعي انتظاميه جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي خدشن سبب هاڪي گرائونڊ ۾ منعقد ٿيل جلسي جي اجازت رد ڪئي وئي آهي پر پي ٽي آءِ هر صورت ۾ جلسو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ضلعي انتظاميه موجب صوبي ۾ هڪ مهيني جي لاءِ قلم 144 لاڳو ڪئي وئي آهي جنهن جي تحت عوامي اجتماعن تي پابندي لڳائي وئي آهي، شهر ۾ جڳهه جڳهه، پوليس جي ڳري نفري مقرر ڪئي وئي آهي ته جيئن ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏئي سگهجي. ٻئي طرف رستن جي بندش سبب شهرين خاص طور تي اسڪول ۽ ڪاليج ويندڙ شاگردن کي سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو.

پهنجو تبصرو موڪليو