پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه اسيمبلي پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) تي پابندي جي فيصلي خلاف ٺهراءُ منظور ڪري ورتو.تحريڪ انصاف تي پابندي جي فيصلي خلاف منظور ڪيل قرارداد جي متن موجب پابندي جي صورت ۾ تحريڪ انصاف عدالت ۾ ويندي.قرارداد جي متن ۾ چيو ويو آهي ته پارٽي تي پابندي لڳائڻ آرٽيڪل 17 جي ڀڃڪڙي آهي.معاهدي ۾ چيو ويو ته وفاق جنهن طريقي سان آپريشن لاءِ تياري ڪري رهيو آهي، هو ان کي رد ڪن ٿا، جيڪڏهن فوجي آپريشن جي صورت ۾ ڪو نقصان ٿيو ته ذميواري وفاق تي هوندي.










