پي ٽي آءِ تي پابندي بابت آمريڪي خدشا مداخلت قرار

پي ٽي آءِ تي پابندي بابت آمريڪي خدشا مداخلت قرار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان پي ٽي آءِ تي پابندي بابت آمريڪي خدشن کي مداخلت ۽ قبول نه ڪرڻ جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو،پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ اسلام آباد ۾ هفتيوار پريس بريفنگ دوران چيو ته تحريڪ انصاف تي پابندي بابت آمريڪا جا خدشا قبول ڪرڻ جوڳا نه آهن، پاڪستان ۾ عدليه جي هاڻوڪن فيصلن مان واضح ٿئي ٿو ته عدليه پنهنجو ڪم اثرائتي انداز ۾ ڪري رهي آهي،پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ هو ته ان حوالي سان آمريڪا جا خدشا پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت آهن، 2 ڏينهن اڳ آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر بريفنگ دوران پي ٽي آءِ تي پابنديءَ واري حڪومتي اعلان تي ڳڻتي ۽ خدشن جو اظهار ڪيو هو، ممتاز زهره بلوچ افغان حڪومت کان مطالبو ڪيو ته پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ لاءِ افغان سرزمين استعمال ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو مطالبو به ڪيو

پهنجو تبصرو موڪليو