پي ٽي آءِ اڃا تائين غير ملڪي ادارن کان فنڊنگ وٺي پئي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف خلاف اليڪشن ڪميشن ۾ درخواستگذار خالد محمود خان چيو آهي ته پي ٽي آءِ هن وقت تائين ممنوع پرڏيهي فنڊنگ وٺي رهي آهي، ڪميٽي ٺاهي انڪوائري ڪري.اليڪشن ڪميشن ۾ خالد محمود خان جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.ميمبر ڪميشن پڇاڻو ڪيو ته ڇا اوهان ڪو ثبوت ڏنو آهي؟ تون ڇا ٿو چاهين؟ چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته اوهان ڪو ثبوت ڏيو، اوهان جي درخواست آهي ته پرڏيهي فنڊنگ ٿي رهي آهي، اوهان به پراڻي قانون تي ڪيس داخل ڪيو آهي.درخواستگذار چيو ته اڃا تائين ثبوت نه ملي سگهيا آهن، جيڪڏهن وقت ڏنو ويو ته ثبوت پيش ڪندس.چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته پوءِ توهان ڪيس ڇو آندو، توهان جي مرضي تي انڪوائري ڪميٽي نٿي ٺاهي سگهجي، توهان ثبوت ڏيو.خالد محمود چيو ته مون کي 2 هفتن جو وقت ڏيو، ثبوت فراهم ڪندس.اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي 3 هفتن لاءِ ملتوي ڪندي چيو ته ٻڌڻي پهرين نومبر تي ٻيهر ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو