اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) انٽرا پارٽي اليڪشن ڪيس کي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي.تحريڪ انصاف انٽرا پارٽي اليڪشن ڪيس جي ٻڌڻي 23 جولاءِ تي ٿيندي. چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي. ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن جي پوليٽيڪل فنانس ونگ انٽرا پارٽي اليڪشن تي سوال اٿاريا آهن.ذريعن موجب تحريڪ انصاف اليڪشن ڪميشن جي سوالن کي پورو ڪندي.










