پي ايس ايل جو شاندار افتتاح، لاهور ۽ اسلام آباد جو مقابلو

پي ايس ايل جو شاندار افتتاح، لاهور ۽ اسلام آباد جو مقابلو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) سيزن 10 اڄ کان شروع ٿي رهي آهي. افتتاحي تقريب اڄ 7 وڳي راولپنڊي ۾ ٿي. پي ايس ايل جي افتتاحي تقريب جو آغاز قومي تراني سان ٿيو، ۽ افتتاحي تقريب ۾ پي ايس ايل 10 جي ٽرافي اسٽيج تي آندي وئي۔ افتتاحي تقريب ۾ عابده پروين صوفيانه ڪلام پيش ڪيو ۽ گلوڪار علي ظفر شاندار پرفارمنس ڏني۔ گلوڪاره نتاشا بيگ، علي ظفر، ابرارالحق ۽ طلحه انجم پي ايس ايل 10 جو ترانو پيش ڪيو۔ ان کان علاوه ʼينگ اسٽنرزʼ جي به شاندار پرفارمنس رهي۔ پي ايس ايل 10 جي افتتاحي تقريب ۾ شاندار آتش بازي جو مظاهرو پڻ ڪيو ويو. سيزن جي پهرين ميچ ۾، دفاعي چيمپيئن اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ لاهور قلندرز پنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ آمهون سامهون ٿيا. پي ايس ايل م شامل 6 ٽيمون 11 اپريل کان 18 مئي تائين ڪل 34 ميچ کي_يا ويندا. سڀاڻي 2 ميچ ٿيندا جن ۾ منجهند ساڍي 3 وڳي پشاور ۽ ڪوئٽا ۾ مقابلو ٿيندو ۽ رات 8 وڳي ملتان جو ڪراچي ڪنگز سان ميدان سجندو.  ٻئي طرف، اسلام آباد ۾ پي ايس ايل جي روٽس تي ٽرئفڪ جزوي طور تي معطل رهندي. راولپنڊي پوليس 5 هزار اهلڪار سيڪورٽي لاءِ مقرر ڪيا آهن. پوليس سان گڏ رينجرز ۽ فوجي جوان به تعينات ڪيا ويندا. ٽرئفڪ کي جاري رکڻ لاءِ 300 کان وڌيڪ اهلڪار مقرر ڪيا ويندا.مري روڊ کان سرينا ۽ فيض آباد ڏانهن ٽرئفڪ بند رهندي. ايڪسپريس وي، مري روڊ، فيصل ايونيو ۽ سرينگر هاءِ وي تي سيڪيورٽي جا انتظام سخت آهن، جڏهن ته بليو ايريا ڏانهن ويندڙن لاءِ H8 انڊر پاس استعمال ڪيو ويندو.ٽريفڪ پوليس شهرين کي صلاح ڏني آهي ته سيڪٽر I ۽ H لاءِ IJP روڊ کان سروس روڊ استعمال ڪن. ان کان علاوه، باري امام ڏانهن ويندڙ نادرا چوڪ استعمال ڪري سگهن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو