ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)قومي ايئر لائن پي آءِ اي جون آپريشنل مسئلن سبب اڄ ڪراچي، اسلام آباد ۽ پشاور جون 6 اڏامون منسوخ ڪيون ويون.فلائيٽ شيڊول موجب مختلف ايئرپورٽن جون 13 ملڪي ۽ غير ملڪي اڏامون به دير جو شڪار آهن.پي آءِ اي جون 2 اڏامون پي ڪي 301 ۽ 319 ڪراچي کان اسلام آباد، شارجه کان اسلام آباد پي ڪي 182 ۽ ابوظهبي کان اسلام آباد پي ڪي 262 جون اڏامون منسوخ ڪيون ويون. پشاور جي ابوظهبي آمد ۽ روانگي جون 2 اڏامون پي ڪي 117 ۽ 218 منسوخ ڪيون ويون آهن.ڪراچي کان اسلام آباد جي اڏام پي ڪي 30 ٻه ڪلاڪ جڏهن ته ڪراچي کان اسلام آباد جي اڏام پي ڪي 306 هڪ ڪلاڪ جي دير ٿي رهي آهي.جده کان لاهور ويندڙ پرڏيهي ايئر لائين جون اڏامون ايس وي 738 ۽ 739، لنڊن کان اسلام آباد ويندڙ پرڏيهي ايئرلائن جون اڏامون بي اي 260 ۽ 261 هڪ ڪلاڪ دير سان روانيون ٿيون.اسلام آباد کان جده ويندڙ پي آءِ اي جي اڏام پي ڪي 741 ڏيڍ ڪلاڪ جي دير ٿيندي، جڏهن ته اسلام آباد کان اسڪردو ويندڙ اڏام پي ڪي 251 صبح 10 وڳي ٽي ڪلاڪ دير سان رواني ٿيندي.اسلام آباد کان دبئي جي اڏام پي ڪي 211 اڍائي ڪلاڪ ۽ اي آر 701 8 ڪلاڪ دير سان رات 11 وڳي ويندي.ان کان علاوه العين کان اسلام آباد جي اڏام پي ڪي 144 ڏيڍ ڪلاڪ جي دير سان پهچندي، لاهور کان استنبول جي اڏام پي ڪي 715 ڏيڍ ڪلاڪ جي دير سان رواني ٿيندي.










