پيڪا آرڊيننس, صحافتي آزادي ۽ وزير اعظم جو يوٽرن!

پيڪا آرڊيننس, صحافتي آزادي ۽ وزير اعظم جو يوٽرن!

ليکڪ محمد اسماعيل لانگاھ

اسانجي ملڪ ۾ جڏھن به حڪومتي ناڪاميون وڌن ٿيون تڏھن ملڪ جي آئين ۽ قانون سان کيڏيو وڃي پوء ان ۾ نقصان ملڪ جو ٿئي , آئين جو ,جمهوريت جو يا غريب عوام جو بس حڪمران پنهنجي مفادن خاطر ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان اقتداري منسبن کي ڊيگھ ڏيڻ لاء نوان آرڊيننس متعارف ڪرائيندا رهندا آيا آهن, ان ۾ آمريتي دور هجن يا جمهوري دور هميشه انهن روايتن کي اپنايو ويندو رهيو آهي ڇو ته طاقت جي اڳيان اٿندڙ سڀ آواز دٻايا ويندا رهيا آهن, پر دنيا ۾ جتي به وڏا وڏا انقلاب برپا ٿيا انهن عوامي طوفانن اڳيان جمهوريتون هجن يا آمريتون بيوس ئي رهيون آهن دنيا جو سڀ کان طاقتور قانون ۽ آرڊيننس عوام جو آواز آهي جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ دٻائي نٿو سگهجي پيڪا آرڊيننس انجي هڪ ڪڙي آهي.

موجوده پي ٽي آء سرڪار ساڍن ٽن ورهين تائين  عوام کي ڪُجھ نه ڏئي سگهڻ, ۽ پنهنجي خلاف مخالف ڌُر جي مسلسل هلندڙ ڪروڌ ,کانپوء ان غريب عوام جو ڀرجهلو بڻيل ميڊيا کي محدود ڪرڻ لاء پيڪا نالي هڪ آرڊيننس جو فارمولو منظور ڪرائڻ لاء پيش ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي صرف سرڪاري ڪابينا ئي حمايت ڪئي آهي, باقي مخالف جماعتن سميت تمام ميڊيا سان منسلڪ ادارن توڙي سوشل ماڻھن پي ٽي آء سرڪار جي پيش ڪيل اهڙي آرڊيننس جي نه رڳو مخالفت ڪئي آهي ان آرڊيننس کي ڪارو قرار ڏئي حڪومت جي اهڙي قدم کي بزدلي ۽ پنهنجي ڪارڪردگي تي پردو رکڻ جو الزام پڻ لڳايو ويو آهي.

پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا سان گڏ سوشل ميڊيا جتي دنيا کي ڳنڍي پاڻ ۾ سوڙهو ڪري ڇڏيو آهي عوام جي حقن کي اعلي ايوانن توڙي دنيا جي ڪنڊ ڪُڙڇ پُڄائڻ ۾ جيڪا پاڳڀرائي سوشل ميڊيا ڪئي آهي ان ميڊيا جتي سرڪاري ادارن جي پت وائکي ڪئي آهي اتي اها ميڊيا ملڪ جي مظلوم مسڪين ماڻھن جو سگهارو آواز پڻ بڻيل رهي آهي موجوده حڪومت اهو بلڪل ڄاڻي ٿي ته هو  پنهنجن ساڍن ٽن سالن جي ڪارڪردگي کي ڪيئن لڪائي ان لاء سڀ کان پهرين ميڊيا جو آواز بند ڪجي ان لاء پيڪا قانون آندو ويو. هن وقت ملڪ جنهن حالتن مان گذري رهيو ان ۾ سڀ کان وڏو مسئلو مهانگائي ۽ ان جي خلاف آواز بلند ڪندڙ ميڊيا ئي آهي جنهن کي سرڪار پيڪا آرڊيننس وسيلي دٻائڻ چاهي ٿي اسانجي ملڪ ۾ سياسي طرح جمهوري حڪومتن جي روايت رهي آهي ته پنهنجي مخالفن کي ڪمزور ڪرڻ لاء نوان نوان هربا هلائينديون رهيون آهن جيئن نواز شريف حڪومت پ پ کي ڪمزور ڪرڻ ۽ انجي احتساب لاء نيب کي متعارف ڪرايو ۽ اهو ئي نيب جو لاڳو ٿيل قانون ن ليگ قيادت جي ڳچي ۾ نانگ جيان ويڙھجي ويو ۽ چون ٿا ته 2016 ع ۾ پيڪا آرڊيننس به ن ليگ متعارف ڪرايو ۽ ھن وقت پي ٽي آء سرڪار ان آرڊيننس جي پوئيواري ڪندي سموري صحافت پرنٽ, اليڪٽرانڪ, توڙي سوشل ميڊيا کي محدود ڪرڻ لاء آيف آء اي اداري کي فري هينڊ ڏنو ويو آ ته ھو حڪومت توڙي ڪنهن به اداري خلاف ميڊيا جي هلايل خبر جيڪا غير تصديق شده هجي ان لکڻ واري کي بغير ڪنهن فرياد يا ڪيس جي گرفتار ڪيو وڃي حڪومتي اختيارين پاران اهڙي قانون کي فوري طور اسلام آباد هاء ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو جتي ڪورٽ حڪومت کي پنهنجي ان آرڊيننس جي پس منظر آڌار ڪا به گرفتاري نه ڪرڻ واري حڪمنامي کانپوء وزير اعظم عمران خان به يوٽرن ورتو آهي, جنهن  عدالتي حڪم جي پيروي ڪندي پيڪا آرڊيننس تحت فلحال گرفتارين کان روڪي ڇڏيو آهي.

وفاقي حڪومت جي اينٽي ميڊيا آرڊيننس کانپوء ملڪ جو هر باشعور افراد چاهي ٿو ته حڪومت پنهنجي ناڪامين لڪائڻ ۽ مخالف جماعتن جي لانگ کي منهن ڏيڻ لاء جتي پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا طرفان شايد ڪوريج نه ملي سگهڻ کانپوء سوشل ميڊيا جي ڪوريج ٻرندي تي تيل هارڻ جو ڪم ڪندي رهي آهي. ڇونه اڳ ئي اهڙو قانون نافذ ڪري ڇڏجي جيئن ميڊيا سميت عقم ماڻهون به خوفزده ٿي وڃي. پر سرڪار جي اهڙي قانون کي پهرين ڏينهن کان ئي قلعدم قرار ڏنو ويو آهي ملڪ هن وقت ڪرپشن سبب ۽ مهانگائي سبب ڏيوالپڻي جو شڪار آهي جيڪڏھن پيڪا آرڊيننس منظور ٿي ويو ته نه رڳو غريب عوام جو آواز دٻجي ويندو ته ٻئي طرف ميڊيا به خوفزده ٿي ويندي خاص طور ملڪ جي ننڍن شهرن ۾ جتي ظلم کي سوشل ميڊيا ذريعي وائکو ڪيو وڃي ٿو اتي پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا پهچڻ ۾ دير ٿي وڃي ٿي.

بحرحال سرڪار جيڪو به قانون آڻڻ چاهي ٿي اهو عوام جي حقن جي پائمالي لاء نه پر ملڪي مفادن خاطر ۽ قبول جوڳو هجڻ گهرجي ناقابل قبول قانون عوام ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندو ميديا ملڪ جي مظلوم عوام جو سهارو بڻيل آهي جيڪڏھن ان تي پابندي هڻي ملڪ جو قانون انهن سياسي بگهڙن جي گرفت حوالي ڪيو ويو ته هو نه بلڪ ملڪ کي کائي چٽ ڪري ڇڏيندا ته ٻي صورت ۾ غريب عوام جون ڪُجھ ڏينهن جون بجيل زندگيون به جيئڻ لائق نه رهنديون وفاقي حڪمران سياسي روايتن وارن قانونن ۽ آرڊيننسن کي بجاء عوام ۽ ميڊيا تي مسلط ڪرڻ بجاء ملڪ جي ڪرپٽ ترين وڏن بگهڙن تي مسلط ڪيو وڃي جنهن ملڪ کي کائي کوکلو ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي ڪُڌن ڪرتوتن سبب ملڪ جوجمهوري نظام توڙي غريب عوام دنيا اڳيان هٿ ٽنگڻ تي مجبور ٿي ويو آهي جيڪا سڀ کان وڏي ناقص ڪارڪردگي ۽ حڪمرانن جي نااهلي آهي جيڪا هروقت پنهنجن اقتدارن کي ڊيگھ ڏيڻ لاء ملڪ جي آئين ۽ قانون سان کيڏندي رهي ۽ ملڪ کي ناقابل تلافي نقصانن ۾ وڌو ويو هاڻ براء مهرباني جيڪو به آئين يا آرڊيننس آندو وڃي ملڪي مفادن ۽ عوام جي بهتري لاء آندا وڃن.  .اسلام آباد هاء ڪورٽ فيصلي بعد وزير اعظم به يوٽرن وٺندي ايف آء اي کي گرفتارين کان روڪيو آهي اهڙو قانون پهرين ڪالاباغ ڊيم مهم لاء به سابق چيف جسٽس سپريم ڪورٽ پاران لاڳو ڪيو ويو هوته ڊيم آئين جي آرٽيڪل  تحت ڊيم جي مخالفت ڪندڙ تي ڪيس داخل ڪيو وڃي اهڙي بيان جاري ٿيڻ کان پوء اندرون توڙي بيرون ملڪ چيف جسٽس جي فيصلي تي نه رڳو تنقيد ڪئي وئي پر سوشل ميڊيا تي هڪ مهم به هلائي هرماڻھون عام توڙي خاص پاران مخالفت بعد جج صاحب فيصلي تان دستبردار ٿيو سو قانون توڙي آئين جا اهڙا فيصلا سوچي سمجهي لاڳو ڪيا وڃن جنهن تي نه عوام بدضن ٿئي نه وري حڪمرانن کي ناڪامي جو منهن ڏسڻو پوي جيئن پيڪا آرڊيننس آندو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو