اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان جي پارٽي آزاد ڪشمير ۾ حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ آهي، ڪشمير جي مسئلن جو سياسي حل موجود آهي ۽ مسئلن جو حل ڳولڻ پيپلز پارٽي جي سڃاڻپ آهي.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مان ڪشمير جي عوام سان واعدو ڪريان ٿو، مان توهان کي مايوس نه ڪندس، نئين وزيراعظم جو اعلان اسلام آباد مان نه پر ڪشمير مان ڪيو ويندو، هن چيو ته ڪشمير جي عوام جي نمائندگي ڪندي اسان اسيمبلي ۾ جيڪو به وقت بچيو آهي ان ۾ انهن جي خدمت ڪنداسين، وزيراعظم ۽ اسان جا قانون ساز اسيمبلي جا ميمبر عوام لاءِ موجود هوندا، جيڪڏهن اسان انهن جي خدمت نه ڪري سگهياسين ته ان جا ذميوار بلاول ڀٽو زرداري هوندا، پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته اسان جي پارٽي ڪشمير جي ڪري قائم ٿي هئي، پيپلز پارٽي 3 نسلن کان ڪشمير لاءِ وڙهي رهي آهي، ان هر فورم تي ڪشمير جي عوام جو ڪيس وڙهيو آهي، بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته اسان گذريل اليڪشن ۾ حصو ورتو، هن اليڪشن وقت عمران خان اقتدار ۾ هو، اسٽيبلشمينٽ جا مسئلا توهان جي سامهون هئا، سڀني حالتن جي باوجود، اسان اليڪشن کٽي، پر انهن اسان جي فتح کي شڪست ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.هن چيو ته غير سياسي سوچ جي ڪري ڪشمير ۾ سياسي خلا پيدا ٿيو، جنهن جي ڪري ڪشمير جي عوام کي مقامي ۽ بين الاقوامي سطح تي نقصان برداشت ڪرڻو پيو.پاڪستان پيپلز پارٽي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ فيس بڪ تي هڪ پوسٽ ۾ چيو هو ته پيپلز پارٽي آزاد ڪشمير پارلياماني گروپ جو اجلاس اسلام آباد ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ ٿيو، جنهن ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.










