پ پ عام چونڊن لاءِ اثرائتي مهم ۽ بهترين منشور سان ميدان تي لهندي

نوابشاهه(رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي صدر آصف علي زرداري سان نوابشاهه شهر ۽ تعلقي جي ڪارڪنن، عهديدارن ۽ معززين ملاقات ڪئي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري عام چونڊن جي حوالي سان ڪارڪنن، عهديدارن ۽ معززين جون تجويزون ٻڌيون، پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي صدر آصف علي زرداري چيو ته پيپلز پارٽي عام چونڊن لاءِ موثر چونڊ مهم ۽ بهترين منشور کڻي ميدان ۾ ايندي،پاڪستان پيپلز پارٽي عوام جي فيصلن ۽ عوام جي اختيار جي فارمولي تي يقين رکي ٿي،عوام کي حڪمراني جو حق ملندو ته مسئلا گراس روٽ ليول تي حل ٿيندا آهن، پاڪستان پيپلز پارٽي عوامي پارٽي آهي ۽ اسان هر دور ۾ عوامي راڄ جي نفاذ لاءِ ڪم ڪيو آهي، پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ کي هر بحران ۾ سنڀاليو آهي ،صدر آصف زرداري سان گڏ سيد مراد علي شاهه، غلام مصطفيٰ شاهه، ضياءَ حسن لنجار، غلام قادر چانڊيو ۽ ٻيا موجود آهن.صدر آصف زرداري سان گڏ علي حسن زرداري، سليم رضا جلباڻي، عاشق زرداري، غلام شاهه لغاري،خان بهادر ڀٽي، رشيد چانڊيو، غلام شاهه لغاري، عاطف زيدي، شفيع الرحمان جدون ۽ ٻيا به موجود آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو