اسلام آباد(بيورو رپورٽ) عالمي سطح تي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي کانپوءِ پاڪستان ۾ به پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ 12 ڊالرن جي گهٽتائي ٿي آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جي قيمت 102 ڊالر في بيرل جي سطح تي پهچي وئي آهي، جڏهن ته ڊيزل جي قيمت 9 ڊالر گهٽتائي سان 117 ڊالر في بيرل ٿي وئي آهي.عالمي سطح تي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي کانپوءِ مقامي سطح تي پيٽرول جي قيمت ۾ 3 رپيا 38 پئسا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 18 رپيا في ليٽر گهٽتائي جو امڪان آهي.ٻئي طرف رپئي جي قدر ۾ مسلسل واڌ سبب پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي، پر حتمي فيصلو 15 آڪٽوبر تي ڪيو ويندو.
