پيٽرول 26 رپيا 2 پئسا، ڊيزل 17 رپيا في ليٽر  مهانگو

پيٽرول 26 رپيا 2 پئسا، ڊيزل 17 رپيا في ليٽر مهانگو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ ڪري ڇڏي. پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو.ناڻي واري وزارت جي نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 26 رپيا 2 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 331 رپيا 38 پئسا في ليٽر ٿي وئي.نوٽيفڪيشن موجب هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 17 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، اهڙي ريت ڊيزل جي نئين قيمت 329 رپيا 18 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي.ناڻي واري وزارت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب نوان اگهه 16 سيپٽمبر کان لاڳو ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو