پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه برقرار، ڪا به تبديلي نٿا ڪريون، ڊار

پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه برقرار، ڪا به تبديلي نٿا ڪريون، ڊار

لاهور(ويب ڊيسڪ)ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار اعلان ڪيو آهي ته پيٽرول جون قيمتون 31 جنوري تائين ساڳيون برقرار رهنديون انهن ۾ ڪا به ڦير ڦار نٿي ڪئي وڃي. لاهور مان پي ٽي وي تي هن اهڙو اعلان لائيو اچي ڪيو. “اسان قيمتون تبديل نه ٿا ڪريون پيٽرول جو اگهه 214.80 رپيا، ڊيزل 227.80 رپيا، گاسليٽ جو اگهه 171.83 رپيا جڏهن ته لائٽ ڊيزل آئل 169 رپيا تي برقرار رهندو. ياد رهي ته حڪومت 15 ڊسمبر تي پيٽرول 10 رپيا ۽ ڊيزل 7 رپيا 50 پئسا سستو ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو