ليکڪ، گلشن چانڊيو
وفاقي حڪومت سال 2021 جي شروعات ۾ ئي پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافو ڪري عوام جي مٿان پيٽرول بم ڪيرايو آهي ۽ عوام کي نئين سال جو پهريون تحفو ڏنوويوجڏهن ته پهرين جنوري تي پيٽرول جي قيمت ۾ في ليٽر 2 روپيا 31 پيسا واڌ ڪئي وئي ، لائيٽ ڊيزل جي قيمت 14 روپيا 81 پيسا ،هاء اسپيڊ ڊيزل جي اگهه ۾ 8 روپيا 37 پيسا واڌ ڪئي وئي جڏهن ته ايل پي جي اگهه ۾ 15 روپيا في ڪلو اضافو ڪيو ويو ، گاسليٽ جي اگهه ۾ في ليٽر 10 روپيا 92 پيسااضافو ڪيو ويو آھي جڏهن ته 15 ڏينهن جي اندر هڪ ڀيرو ٻيهر پيٽروليم جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو ويو جنهن کان پوء پيٽرول جي قيمت في ليٽر 3 روپيا 20 پيسا، هاء اسپيڊ ڊيزل في ليٽر 2 رپيا 95 پيسا، گاسليٽ جي قيمت ۾ 3 روپيا في ليٽر ،لائيٽ ڊيزل جي اگهه ۾ 4 روپيا 42 پيسا واڌ جو اضافو ڪيو ويو آھي جڏهن ته حڪومت جو چوڻ آھي ته پيٽرول جي اضافي قيمتن تي 31 جنوري تائين عمل ٿيندو. جڏهن ته پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافي کانپوء ھاڻي پيٽرول في ليٽر 106 روپين مان وڌي 109 روپيا ۽ 20 پيسا، هاء اسپيڊ ڊيزل جو اگهه 110 رپيا ۽ 24 پيسا مان وڌي 113 روپيا ۽ 19 پيسا في ليٽر ،لائيٽ ڊيزل جو اگهه 71 روپيا ۽ 81 پئسن مان وڌي 76 روپيا ۽ 65 پيسا في ليٽر ، گاسليٽ جو اگهه 73 روپيا ۽ 65 پئسن مان وڌي 76 رپيا ۽ 65 پئسن واڌ جي منظوري ڏني وئي جڏهن ته حڪومت جو چوڻ آھي ته اڃان وڌيڪ پيٽرول مهانگو ڪرڻ جي ضرورت هئي پر اسان گهٽ اضافو ڪيو آھي جيڪو عوام تي احسان ڪيو ٿو وڃي جڏهن ته حڪومت 12 روپيا في ليٽر پيٽرول مهانگو ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي، ڏسجي ته حڪومت گذريل 15 ڏينهن جي اندر پيٽرول جي قيمتن ۾ مجموعي طور تي ساڍا 5 روپيا ۽ لائيٽ ڊيزل جي في ليٽر اگهه ۾ 19 روپيا واڌ ڪئي وئي آھي جڏهن ته حڪومت 12 في ليٽر پيٽرول مهانگو ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي جيڪڏهن حڪومت جا اهڙا ارادا اٽل رهيا ته پوءِ عوام هن مهانگائي جي طوفان کان تنگ ٿي پنهنجي انمول زندگي جو انت آڻيندو ۽ خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿيندو . حڪومت نه صرف پيٽرول جي اگهن ۾ اضافو ڪيو آھي پر بجلي پڻ مهانگي ڪئي آهي تازو حڪومت عوام مٿان بجلي مهانگائي جو اضافي ٻوجهه وجهي ڇڏيو آھي جنهن کانپوءِ بجلي جي في يونٽ اگهه ۾ هڪ روپيو ۽ 95 پيسا واڌ ڪئي آھي جڏهن ته پي ٽي آءِ حڪومت جو چوڻ آھي ته بجلي 2 روپيا ۽ 18 پيسا في يونٽ اضافو ٿيڻ گهرجي ها پر اسان صرف هڪ روپيو ۽ 95 پيسا بجلي جي في يونٽ ۾ واڌ ڪئي آھي جنهن کان پوءِ حڪومت عوام جي کيسي مان 200 ارب روپيا ڪڍي وٺندي. وفاقي وزير عمر ايوب ۽ توانائي وزير اسد عمر اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته ن ليگ حڪومت بجلي جي شعبي ۾ ضروري ادائگين جي معاملي ۾ اسان لاء بارودي سرنگهون کوٽيون جيڪي پيسا 2019 ۾ ڏيڻا هئا ، 227 ارب روپين جو اضافي بار جيڪڏهن عوام تي وجهجي ها ته بجلي تمام گهڻي مهانگي ٿئي ها جڏهن ته حڪومت 248 ارب روپين جي سبسڊي ڏني ،حڪومت جو اهو به چوڻ آھي ته ماضي ۾ نواز ليگ حڪومت اهڙا فيصلا ڪيا جنهن م حڪومت کي ڀوڳڻو پيو آھي بجلي استعمال ڪجي يا نه ڪجي ڪارخانن کي 2023 تائين 1455 ارب ادائگي ڪرڻي پوندي.نوازليگ حڪومت اسان لاءِ 227 ارب روپين جا قرض ڇڏيا، رٿابندي جي وفاقي وزير اسد عمر جو چوڻ آھي ته صنعتن جي پيداوري ۾ ڏهاڪن کانپوءِ اضافو رڪارڊ ٿيو آھي، ترقياتي پروگرامن ۾ پهرين 10 مهينن ۾ 270 ارب روپين جو ڪم ڪرايو ويو، جڏهن ته ڪرنٽ خسارو سرپلس ٿيو آھي جيڪو پڻ ڏهاڪن کانپوءِ ٿيو آھي، حڪومت جو چوڻ ته اسانجي حڪومت کان اڳ هر مهيني2.2 ارب خسارو هوندو هيو جنهن کي اسان ختم ڪيو آهي، جيڪڏهن پراڻن قرضن جي وياج کي ڪڍي ڇڏجي ته اسان سرپلس ۾ آھيون، بجلي جي حوالي سان صنعتن جي ترقي لاءِ انڊسٽري ٽيرف ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو جنهن سان بجلي 8 سيڪڙو وڌيڪ استعمال ٿي آھي ، وڌيڪ چيو ويو ته گردشي قرض ۾ ساڍا 4 سئو ارب روپين جي واڌ به 2017-18 ۾ ٿي. اهو سياست جو دستور رهيو آھي ته جيڪي حڪومتون اقتدار جون واڳون سنڀالينديون آھن ته اُهي الزام هڻي پاڻ کي آجو ڪندا آھن ته سابقه حڪومت ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو، ملڪ جي بدترين معاشي حالتن جو ذميوار به انهن حڪومتن کي قرار ڏنو ويندو آھي، جيڪي ملڪ جي مٿان قرض هوندا آھن يا ملڪ جي بحراني ڪيفيتن جو نشانو ۽ ٽارگيٽ به اڳئين حڪومتن کي ڪيو ويندو آھي، بلڪل مڃون ٿا ته سابقه حڪومتن به عوام کي ڪو رليف نه ڏنو آھي پر تبديلي جي هام هڻندڙ حڪومت به عوام کي ڇا ڊليور ڪيو آھي؟ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اهو اعلان ڪيو ته ملڪ ۾ تبديلي ايندي ۽ چيو ويو ته نئون پاڪستان ٺاهينداسين ، هڪ ڪروڙ نوجوانن کي نوڪريون ڏنيون وينديون ۽ 50 لک ماڻھن کي گهر ٺاهي ڏنا ويندا ۽ ملڪ ۾ مهانگائي تي ضابطو آندو ويندو، جنهن ملڪ کي لٽيو ۽ ڦريو ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ ملڪيتون ٺاهيون ته انهن جو احتساب ڪيو ويندو جيڪي ڳالهيون ٻڌي عوام کي پڪ ٿي وئي ته هاڻي سياسي وايو منڊل تبديل ٿي چڪو آھي پر اهي سڀ خواب هئا جنهن تي پاڻي ڦيرجي ويو ۽ ماڻھن کي نئين پاڪستان مان وڏيون اميدون هيون ته مهانگائي ، بيرزگاري، غربت ۽ افلاس مان جان ڇٽندي ۽ ملڪ خوشحال ٿيندو پر ملڪ جون حالتون اڳ کان به بدتر ٿي چڪيون آھن، پيٽرول جي قيمتن ۾اضافو، بجلي جي اگهن ۾ اضافي ۽ مهانگائي ماڻھن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي، ماڻھو ٻن ويلن جي ماني لاءِ به پريشان نظر اچن ٿا، کنڊ جو بحران پيدا ٿي ويو آھي جنهن سبب حڪومت کنڊ برآمد ڪرڻ گهري ٿي، کنڊ 100 روپيا ڪلو وڪامي ٿي، اٽو 70 کان 80 روپيا ڪلو، گيهه 240 روپيا ڪلو، تيل کاڄرو 280 روپيا وڪامي ٿو، انڊا 200 روپيا ڊزن وڪامجن ٿا، گوشت ۽ مڇي ته غريب ماڻھو جي پهچ کان مٿي ٿي وئي آھي پر سبزيون ۽ داليون به مهانگيون ٿي ويون.روزمرهه جي کاڌي پيتي جون شيون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آھن جنهن سبب هن بدترين مهانگائي ماڻھن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي ويتر ملڪ جي مختلف کاتن مان 75000 هزار ماڻھن کي فارغ ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آھي ۽ اسٽيل مل جي ملازمن کي نوڪرين تان برطرف ڪيو ويو آھي جنهن سبب ملازم احتجاج ڪرڻ تي مجبور بڻيل آھن ۽ فاقاڪشي واري زندگي گذاري رهيا آھن ۽ هزارين خاندان روزگار لاءِ دربدر آھن ، هر سال سنڌ سميت ملڪ مان لکين نوجوان يونيورسٽين مان ڊگريون هٿن ۾ کنيون رزگار جي اوسيئڙي ۾ ويٺل آھن پر انهن جا مٿا اڇا ٿي ويا ۽ نتيجن هو اوور ايج ٿي وڃن ٿا ۽ نوڪريون نٿيون ملن ۽ پڙھيل لکيل ماڻھو مزدوري ڪرڻ تي مجبور آھن جيڪا وڏي ستم ظريفي آھي ته سنڌ وسيلن سان مالامال آھي پر امير سنڌ جا ماڻھو غريب ڇو آھن؟ معدني وسيلن سان مالامال سنڌ حڪمرانن جي بي ڌياني ۽ بيحسي سبب نڌڻڪائي جو شڪار آھي جتان گئس نڪري ٿي ته اهي علائقا گئس کان محروم آھن ، سنڌ گئس جي پيداوار ۾ %70 ڏيندڙ صوبو آھي پر اُتي گئس جو بحران سمجهه کان ٻاهر آھي، جن علائقن مان تيل نڪري ٿو ته اُتان جي ماڻھن کي تيل ڪمپنين ۾ رزگار نٿو ملي پر پٽيوالي، مڪينڪ کان وٺي انجنيئرن تائين ڌاريا ڀرتي ڪيا ٿا وڃن جيڪا سنڌ سان ويساهه گهاتي ناهي ته ٻيو ڇا هي؟ حڪومت کي گهرجي ته مهانگائي تي ضابطو آندو وڃي ته جيئن ماڻھو سک جو ساهه کڻي سگهن. gulshanhabibchandio788@gmail.com










